اوڀر

اوڀَرُ: چئن طرفن مان هڪڙو طرف. جنهن طرف کان سج اُڀري، انهيءَ کي ”اوڀر“ ڪوٺجي ٿو. عام ماڻهو اوڀر کي اُڀرندو به چون ٿا. عربي ٻوليءَ ۾ اوڀر کي مشرق چوندا آهن. سنڌ ۾ عام طرح اُڀرندي کي ”پورب“ به چون، مثلاً: ”پورب جو واءُ“ ۽ ”پورب جو مينهن“، يا ساوڻيءَ جي مند ۾ چوندا ته ”اوڀر پيو لڳي، مينهن آيو ڪي آيو“. هندو ڌرم جا ماڻهو سج اُڀرڻ تي، پاڻيءَ جو لوٽو ڀري، جڻيو ڦيرائيندا ۽ سج ڏانهن اکيون ڪري پاڻيءَ جو لوٽو هيٺ نائيندا آهن.


لفظ اوڀرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


طرف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اوڀر
طرف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون