تصوير

تَصوير: ڪنهن قدرتي منظر، نظارن، جانورن، پکين، ماڻهن ۽ گلن ٻوٽن وغيره جو هوبهو خاڪو يا شڪل، جنهن کي ”مصوري“ يا چترڪاريءَ جو فن به چئبو آهي. موجوده دور ۾ فوٽوگرافيءَ ذريعي به تصوير ڪڍي سگهجي ٿي، تصوير رنگين به ٿئي ته سادي سودي بنا رنگن واري به ٿيندي آهي. مجسمي سازي پڻ هن دائري ۾ شامل آهي، اُها جدا صنف آهي. مصر، يونان يا ٻين ملڪن ۾ پٿر تي اُڪَرَ جو ڪم مشهور ۽ تاريخي نوادارات ۾ شامل آهي. سنڌ ۾ مقبرن، مزارن ۽ ڪن يادگار جاين اندر مصوريءَ جو ڪم عام ٿيندو آهي. بعض تاريخي ڪتابن ۽ بياضن ۾ قلم يا سنهي برش سان تصويرون ڪڍيل آهن. اسلام جي ڪن شارحن وٽ جيتوڻيڪ مصوريءَ ۽ بت تراشيءَ کي ممنوع قرار ڏنو ويو آهي، ليڪن ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مسلمانن هن فن کي بلڪل ترڪ نه ڪيو هو، بلڪ پنهنجي رهائش گاهن ۽ آثارن تي ساهوارن جون تصويرن جي همت افزائي ڪندا هئا. سائنس جي ترقيءَ، ڪئميرا جي ايجاد، تصوير ڪشيءَ کي وڌيڪ آسان ڪيو آهي. هن وقت جديد ترين ڪئميرائن، موبائيل فون وغيره ذريعي خوبصورت منظر سيڪنڊن اندر محفوظ ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪئي وئي آهي. تصويرن کي خاص شيشي (Optical Lens) ذريعي محفوظ ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته هلندڙ ڦرندڙ شين جي منظر کي پڻ محفوظ ڪرڻ لاءِ وڊيو ڪئمرائون عام آهن. (وڌيڪ ڏسو: فوٽوگرافي )


لفظ تصويرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو