پيش

پيشُ: سون جو خاص قسم، جنهن ۾ 24 قيراط سون هوندو آهي، يعني نج سون. هيءُ سون پيلي رنگ جو چمڪندڙ هوندو آهي، جيئن ته ”پيش“ تمام نرم سون ٿيندو آهي، ان ڪري ان ۾ سختي پيدا ڪرڻ لاءِ مَٺُ ملائيندا آهن. بين الاقوامي دستور موجب پيش ۾ فقط 2 قيراط مٺ ملائيندا آهن، پر پاڪستان ۾ 22 قيراط بدران 18 قيراط يا 20 قيراط سون ملائيندا آهن، اهو سون ڪَسو ۽ گهٽ قيمت وارو ٿيندو آهي.


لفظ پيشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو