الغوزو

الغوزو: وات سان وڄائڻ وارو ڦوڪ جو ساز. هي اصل ۾ بينن جو جوڙو آهي، جيڪي گڏ وڄائبيون آهن. عام طور تي هن کي بينون ۽ الگوزا چوندا آهن. ٻن بينن تي مشتمل هن ساز جي ننڍي بين وڄائڻ ۽ سُر ڪڍڻ لاءِ ۽ وڏي بين سُر جي آس لاءِ استعمال ٿيندي آهي. اهي ٻئي بينون ڪاٺيءَ جي هڪ ٽڪريءَ ذريعي مٿان کان پاڻ ۾ ڳنڍيل هونديون آهن. وچ ۾ هڪ سوراخ هوندو آهي، جتان ڦوڪ ڏبي آهي، جنهن سان هي ساز وڄندو آهي.
الغوزو، سنڌ جو قديم ۽ مقبول ساز آهي. اصل ۾ سنڌي موسيقيءَ جي سڃاڻپ ئي الغوزو آهي. موسيقيءَ جي ماهرن جو خيال آهي ته الغوزو سنڌ ۾ هزارين سالن کان رائج آهي. ابتدا کان هي سنڌ جي عام ڳوٺاڻن جو ساز هوندو هو. مال چاريندڙ ڌراڙ وندر جي خيال سان انهيءَ کي وڄائيندا هئا.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ الغوزن جو پهريون ماهر وڄائيندڙ، مصري خان جمالي هو، جيڪو پاڻ الغوزا ٺاهي ميڙن ملاکڙن ۾ وڪڻندو به هو. هو سنڌ جو ماهر الغوزا نواز هو. پهريون ڀيرو کيس 1953ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس واريءَ ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويو، جتي اسٽيج تي ويهي مهارت سان الغوزو وڄايائين. سندس خدمتن جي اعتراف طور کيس ”حسن ڪارڪردگيءَ“ جو تمغو به مليو. هن بعد ۾ مختلف ملڪن ۾ الغوزو وڄائي بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي. مصري خان جماليءَ کان پوءِ خميسي خان الغوزا وڄايا. هن نه فقط الغوزا وڄائڻ ۾ پاڻ مڃرايو، پر هن قديم ساز جي هيئت به تبديل ڪئي. هن آس جي هڪ بين جي جاءِ تي ٻيءَ بين جو اضافو ڪيو ۽ ٽن بينن وارو الغوزو وڄايو. ڪجهه وقت کان پوءِ ان ۾ چوٿين بين جو به اضافو ڪيائين. خميسي خان کي به سندس خدمتن جي اعتراف طور ”حسن ڪارڪردگيءَ“ جو تمغو مليو. هن به ٻاهرين ملڪن ۾ بينون وڄائي وڏي شهرت حاصل ڪئي. سندس پٽ پڻ ساڳئي فن جو ماهر آهي. هن وقت ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ ڏاڏون جو الهبچايو کوسو، بهترين الغوزا نواز آهي، جنهن پڻ ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.


لفظ الغوزوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو