ٻڪي

ٻُڪِي: ان لپ، جا واري سان جنڊ ۾ پيھڻ لاءِ وجھبي آھي. شاديءَ جي تياريءَ جو ھڪ موقعو (جنھن ۾ سھاڳڻيون جنڊ ۾ واري واري سان ان جي ٻڪي وجھي پيھنديون آھن). شاديءَ کان اڳ گھوٽيتن ۾ ”ٻڪي وجھڻ“ جي رسم ٿئي، جيڪا شاديءَ کان ايڪيهه، پندرھن، ست، پنج يا ٽي ڏينھن اڳ ٿئي .
عموماً شاديءَ کان پندرھن ڏينھن اڳ اھا رسم ادا ڪئي ويندي آھي، ڪن ھنڌن تي شاديءَ کان مھينو يا ٻه مھينا اڳ ۾ ٻڪي وجھن، پر جيئن ته ٻُڪيءَ کان پوءِ گھوٽيتن ۾ روز رات جو خوشيءَ جي مجلس ٿئي، جنھن ۾ زالون ڳيچ ڳائين ۽ ڪجهه نه ڪجهه خرچ پکو به ڪن، تنھنڪري گھوٽيتا پھچ سارو ٻڪيءَ ۽ شاديءَ جي تاريخ ۾ وٿي وجھندا آھن: يعني شاديءَ جي تاريخ سا گڏ ٻڪيءَ جي تاريخ به نروار ڪري ڇڏيندا آھن. ٻڪي ڏينھن جي ٽئين پھر يا سج لٿي مھل وجھن. ان ڏينھن تي گھوٽيتا پنھنجن عزيزن کان سواءِ ڳوٺ يا راڄ جون زالون به سڏ ڏئي گھرائين. ٻڪي وجھڻ جو ساٺ ھن ريت ڪندا آھن:
گھوٽيتن جون ست سھاڳڻيون ”اکريءَ يا ننگهه“ جي چؤڦير راڳو ڏئي، ان تي داءَ جا ست ليڪا ڪڍن، ان بعد اکري يا ”ننگهه“ ۾ پنج پاٽيون ڪورن چانورن جون ۽ ست ٻِٽا جوڙا (يعني 14) کارڪون وجھي، چٽيل مھرين سان چانور ڇڙين ۽ انھن مان کارڪون چونڊين، يا وري گھوٽ جي گھر جي جنڊ ۾ ست سھاڳڻيون، چانورن جون ست ٻڪيون وجھي، جنڊ کي چار سبتا ۽ ٽي ابتا ڦيرا ڏئي اٿن، ٻڪيءَ جي رسم ھلندي گھوٽيتن کي رنگ به ھڻن .


لفظ ٻڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو