اُرڙي

اُرڙِي (Measles): هڪ قسم جي چمڙيءَ جي پکڙجندڙ بيماري، جيڪا ”ماتا“ وانگر ٿيندي آهي ۽ ٻارن جي بيماريءَ طور مشهور آهي پر ٻنهي ۾ فرق آهي. اها بيماري هڪ خاص وائرس سان پکڙبي آهي. ان جا داڻا ٻاجهريءَ جي داڻن جيڏا ۽ ڳاڙها، خشڪ ۽ بنا روڳ جي ٿيندا آهن. هيءَ بيماري گهڻو ڪري چيٽ جي مهيني ۾ ٿيندي آهي.
هن بيماريءَ ۾ تپ تيز ٿيندو آهي ۽ چيلهه ۾ سور، نڪ ۾ خارش، اکيون ڳاڙهيون ٿينديون آهن. اکين ۽ نڪ مان پاڻي وهندو آهي. اُرڙيءَ ۾ تپ گهڻو ٿيندو آهي ۽ اُرڙيءَ جا داڻا جلد نڪرندا آهن. اُرڙي، ماتا کان گهڻي نقصانڪار ٿيندي آهي. خاص ڪري داڻن جو رنگ ڪارو، نيرو يا واڱڻائي هجي ته بيقراري ۽ بيهوشي ٿيندي. هڪ ڀيرو اها بيماري ٿيڻ کان پوءِ جسم ۾ ان خلاف ايتري قوت مدافعت ٿيندي آهي جو وري تا عمر ڪا نه ٿيندي آهي.
عام طرح چوندا آهن ته ”ماتا“ يا ”اُرڙيءَ“ ۾ ڪابه دوا ناهي ڪرڻي، پر اهو خيال غلط آهي. باقاعدي علاج جي ضرورت ٿيندي آهي. طبيبن ۽ ڊاڪٽرن وٽ ارڙيءَ توڙي ماتا جي بيماريءَ جو علاج موجود آهي. ان ڏس ۾ ڊاڪٽري علاج کانسواءِ حڪيم شمس الدين جي ڪتاب ”آسان علاج“ ۾ ڪافي مواد آهي.


لفظ اُرڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو