برونئي

برونئي

برونئي

برونئي (Brunei ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو ’نگارا برونئي دارالسلام (State of Brunei Darus-Salam) آهي، جنهن جو پراڻو نالو پوزنڊي هو. هن جي اتر ۾ ڏکڻ ۾ چيني سمنڊ ۽ باقي ٽن طرفن اوڀر ڏکڻ ۽ اولهه کان هن کي ملائيشيا جي اڀرندين رياست سراواڪ گهيري رکيو آهي. برونئي ٻيٽ بورينو جي اتر اولهه ڪناري تي آهي، هن جي اوڀر کان اتر- اولهه طرف ڊيگهه 71 ميل (114 ڪلوميٽر) اتر کان ڏکڻ اولهه طرف ويڪر 56 ميل آهي. رياست سراواڪ جي هڪ پٽي وچ مان هن کي ڪٽيندي اهڙيءَ ريت گذري ٿي، جو برونئي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. الهنديون حصو ڪجهه وڏو آهي، ملڪ جي 80 سيڪڙو ايراضي ٻيلن سان ڍڪيل آهي. برونئي خط استوا کان صرف 5 ڊگريون اتر ۾ آهي.
برونئي جي ڪل پکيڙ 5765 چورس ڪلوميٽر (2225 چورس ميل) ۽ آبادي 4 لک آهي، برونئيءَ جي گاديءَ جو هنڌ بندر سري بيگاوان آهي، هتي جي موسم گرم ۽ خوشگوار آهي ۽ گرمي پد 320 جي ويجهو رهندو آهي. هوا ۾ گهم هوندي آهي ۽ مينهن گهڻا پوندا آهن.
برونئي جي مکيه زرعي پيداوار چانور، ڪيلا، ساوا مرچ، ڀاڄيون، گرم مصالحو ۽ ڪاٺ آهي، مکيه صنعتن ۾ پيٽرول ۽ پيٽروليم جون شيون، رٻڙ ۽ سياحت اچي وڃن ٿيون. هتان جي مکيه معدني پيداوار ۾ تيل ۽ قدرتي گئس شامل آهن, جن جي ڪري برونئي جو شمار دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ ٿيندو آهي.
پهرين صدي عيسويءَ کان برونئي جي رهواسين جا هندستاني واپارين سان لاڳاپا هئا. ان وقت هن علائقي جو پورو نالو پوزنڊي هو. ڇهين صدي عيسويءَ ۾ هن جا چين سان لاڳاپا وڌيا. 1200ع ۾ برونئي جي پهرئين سلطان بولقيه هن علائقي تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪئي. برونئي جي هڪ سلطان 1425ع ۾ سڀ کان اول اسلام قبوليو ۽ پنهنجو نالو محمد رکيو. اهو پنجون حڪمران هو، هن جي دور ۾ سلطان برڪت نالي عرب مبلغ برونئي آيو، جنهن جي ڪوششن سان هن خطي ۾ اسلام جو نور پکيڙيو. 1511ع ۾ جڏهن ملاڪا تي پورچوگيزن پنهنجو تسلط قائم ڪيو ته برونئي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي هڪ وڏي طاقتور مسلم رياست ٿي چڪو هو. 1847ع ۾ انگريزن لابوان جو ٻيٽ حاصل ڪري ورتو. 1888ع ۾ برطانيا برونئي ۽ سراواڪ جو ڪنٽرول پاڻ سنڀالي ورتو. 1962ع ۾ برونئي ۾ پهريون عام چونڊون ٿيون. 1 جنوري 1984ع تي اسلامي دنيا جي امير ترين رياست برونئي دارالسلام پنهنجي آزاديءَ جو اعلان ڪيو. 21 سيپٽمبر 1994ع تي برونئيءَ کي ايشيا جو آزاد واپاري علائقو قرار ڏنو ويو ۽ ساڳئي تاريخ 21 سيپٽمبر 1984ع تي برونئي گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جو ميمبر ٿيو.


لفظ برونئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو