شڪرو

شڪرو

شڪرو

شڪرو (Indian Sparrow Hawk/ Accipiter Badius): 33 سينٽي ميٽر جسامت جي هن پکيءَ جو شمار ننڍن بازن جي نسل ۾ ٿئي ٿو. بنيادي طرح هن پکي جي نر ۽ ماديءَ جي جسماني رنگ ۾ فرق ٿئي ٿو. نر جو رنگ نيرانجهڙو سرمائي، ڳچي ۽ کاڏي اڇي رنگ جي جڏهن ته سندس پيٽ ۽ ڇاتي به ساڳي رنگ جي هوندي آهي، جنهن تي ناسي رنگ جون تتر کرڙي ليڪون ۽ اکيون ناسي هونديون آهن، جڏهن ته مادي قد جي حساب کان نر کان وڏي ٿئي ٿي، ان جي پٺي سرڻ وانگر گهري ناسي، ڇاتي ۽ پيٽ جو رنگ تتر کرڙي ناسي ۽ اڇو ٿئي ٿو، پڇ تي ٽي چار يا پنج افقي صورت ۾ پٽا هوندا آهن ۽ اکيون ۽ پير هيڊا ٿين ٿا. هي پکي اڪثر ڪري ساوڪ وارن علائقن ۾ نظر ايندو آهي، هن جي اڏار به مخصوص قسم جي آهي، ٻه ٽي ڀيرا پر ڦڙڪائي مختصر ۽ هيٺين اڏار اڏندو، گهتون هڻندو ۽ ڪو نه ڪو ننڍڙو پکي شڪار ڪندو آهي. هن جو آکيرو وڻ تي سنهين ڪاٺڙين ۽ تيلين تي جڙيل هوندو آهي. هي پکي تقريباً سڄي يورپ، ايشيا ۽ آفريقا جي اتر وارن علائقن ۾ ملي ٿو.


لفظ شڪروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو