اکيون

اکيون (ڪتاب ): هن نالي سان ڊاڪٽر هر نام داس جو انگريزيءَ ۾ لکيل هڪ ڪتاب، جنهن جو هاسي مل تلوڪچند جڳتياڻيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ۽ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ اسڪائي پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اکيون ۽ ان جي نظر کي ڪيئن قائم رکجي، ان بابت ڪي ڳالهيون ۽ قاعدا هن ڪتاب ۾ بيان ڪيا ويا آهن. اهي ڳالهيون اسين پنهنجي ڌيان ۾ رکي اکين جي مختلف بيمارين کان بچي سگهون ٿا. ڪتاب جو پهريون ڇاپو، بلئوٽسڪي پريس، حيدرآباد مان 1927ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 128 صفحا آهن.


لفظ اکيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو