پدم

پدم: ڪنول جو گل، نيلوفر.پير جي آڱوٺي کان وٺي کڙيءَ تائين هڪ ريکا، جيڪا سڀاڳ جي نشاني سمجهي وڃي ٿي. ’پير ۾ پدم هئڻ‘ هڪ اصطلاح آهي. لطيف سائينءَ به سُر کنڀات ۾ چنڊ کي مخاطب ٿي چيو آهي:
چـنــڊ چــوانءِ ســچ، مٺـي مــور نــه ڀانئيـيـن،
ڪـڏهن اڀـريـن سنهــڙو، ڪڏهـن اڀريـن ڳچُ،
مُنهن ۾ ٻرئي مچ، تو ۾ ناهه پيشاني پرينءَ جي.


لفظ پدمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو