ُڀل

ُڀل

ڪوڻي

ڪوڻي: هي ڍنڍن ۾ ٿيندڙ هڪ قسم جي آبي ول آهي، جنھن جي ٻج کي ’ناپو‘ چيو وڃي ٿو. هن جي ٻج اندر سنھڙو ۽ داڻيدار ٻج ٿيندو آهي، جنھن کي منڇر جا مھاڻا ۽ سنڌ جا رهواسي چانورن سان گڏ رڌي کائيندا آهن. هيءَ ول وڏي پاڻيءَ ۾ به آساني سان ڦٽي ٿي. ڪوڻيءَ جي ول جڏهن پاڻيءَ کان ٻاهر نڪرندي آهي ته پن ڪندي آهي ۽ جڏهن هن جي ڏانڊي مضبوط ٿيندي آهي، تڏهن بھار جي مند ۾ ڪوڻي گل ڪندي آهي، جنھن کي ’ڪنول جو گل‘ چيو وڃي ٿو. هن مرحلي کان پوءِ ڪوڻي ڦر ڪندي آهي، جنھن کي ’قم يا گند‘ چئبو آهي. ان ۾ ناپي جا ڳاڙهسرا داڻا ٿيندا آهن. جڏهن قم ڪچو هوندو آهي ته ان جا داڻا کاڌا ويندا آهن، ناپي کي سڪائي ان جو ٻج سانڍي رکبو آهي، جنھن کي چانورن ۾ استعمال ڪبو آهي، پر هن جي ماني به پچائي ويندي آهي. ڪوڻيءَ جي پاڙ کي ’لوڙهه‘ چئبو آهي. هن جھڙي هڪڙي ٻي ول به ڍنڍ ۾ ٿيندي آهي، جنھن کي گربلي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.


لفظ ڪوڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو