جوهي

جُوهي: هڪ گل آهي، جيڪو هلڪو خوشبودار ۽ ٻن قسمن جو ٿئي ٿو. هيءُ موتيي جيڏو، پر ڪڏهن ان کان به وڏو ٿي وڃي ٿو. هن جون ٽاريون سنهيون ٿين ۽ پن موتيي کان ٿورا ڊگھا ۽ نوڪدار ٿين. هن جا گل ٻن قسمن جا ٿين ٿا. هن گل کي عربيءَ ۾ صيان، فارسيءَ ۾ ياسمين بري، سنسڪرت ۾يوٿڪا جوٿيڪا، گجراتيءَ ۾ جوئي، پنجابيءَ ۾ چِڪاري ۽ لاطينيءَ ۾ ‘Jasminum Quriculatum’ چون ٿا. هن جو مزاج گرم ۽ خشڪ آهي.


لفظ جوهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو