شبو گل

شبو گل

شبو

شبو (گلدار ٻوٽو): گل شبو جو ٻوٽو، ننڍي کنڊ ۾ مئڪسيڪو مان متعارف ٿيو. هن گل جو تعلق Liliaceae خاندان سان آهي. نباتاتي زبان ۾ هن گل کي Polianthes tuberose، انگريزي زبان ۾ Tuberose ۽ هنديءَ ۾ رنجني (Runjuni) چيو وڃي ٿو. هي تيز، خوشبودار قيف نما گلن وارو ۽ ڳٽڪي نما پنن وارو ٻوٽو آهي. هن گل کي هندستان جي قومي گل جي حيثيت حاصل آهي. ان کان علاوه سيلون، جاوا ۽ اٽليءَ ۾ هي ٻوٽو مقامي ٻوٽي جي حيثيت ۾ ڪثير تعداد ۾ پوکيو ويندو آهي. تجارتي حوالي سان پڻ هي ٻوٽو تمام گهڻي اهميت جو حامل آهي. من موهيندڙ خوشبوءِ جي ڪري هن ٻوٽي جا گل سڄي دنيا ۾ مهانگي قيمت ۾ وڪرو ٿين ٿا. اٽليءَ مان هر سال تجارت طور هن ٻوٽي جي ڳنڍي نما پاڙ برطانيا (England) موڪلي ويندي آهي. عام طور هن ٻوٽي کي تفريح گاهن خاص ڪري باغن (Gardens)، پارڪ (Parks) کان علاوه گھرن جي خوبصورتيءَ لاءِ ڇٻر (Lawn) ۾ پوکيو ويندو آهي. طبي حوالي سان هن ٻوٽي کي سڪائي، هن جو ٻورو دوائن ۾ ۽ خوشبوءِ لاءِ پائوڊر
(Talcom powder) ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. پاڪستان جي اهم ۽ زرخيز علائقن ۾ هن ٻوٽي جي پوک ڪئي وڃي ٿي. سنڌ ۾ پڻ هي ٻوٽو ٿئي ٿو. شُبو کي سنڌ جي عوامي شاعر اُستاد بخاريءَ به پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آهي:
موکي تنهنجي مُک ۾، شمع شُبو ٻئي،
پتنگ چوان پوپٽ چوان، چٽو چئج ڏئي،
ٻيڻهو دام ڏئي، ڏهوڻو مهڪايو ڇڏين.


لفظ شبوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو