رفيع

رفيع

رفيع

رفيع (گائيڪ): ننڍي کنڊ جو مشهور راڳي محمد رفيع ولد حاجي علي محمد 1924ع ڌاري امرتسر جي ويجھو ڪوٽله سلطانپور ۾ پيدا ٿيو. هي ڇهن ڀائرن مان سڀ کان ننڍو هو ۽ گھر ۾ هن کي پيار مان ’فِيڪو‘ سڏيندا هئا. هن هندي، اردو، پنجابي، بنگالي، مراٺي، تيلگو ۽ سنڌي فلمن لاءِ يادگار گيت ڳايا، پر سندس شهرت جو اصل سبب هندي گانا هئا. مڪيش ۽ ڪشور ڪمار سان گڏ 50 فلمن جا گانا ڳايائين. 50ع کان 1970ع واري دؤر ۾ هي بالي ووڊ جي مشهور گلوڪارن مان هڪ هو. 1965ع ۾ کيس پدم شري اوارڊ مليو. 36-1935ع ۾ رفيع جو خاندان لاهور منتقل ٿيو. محمد رفيع پنهنجي ڳوٺ جي هڪ فقير جو نقل ڪري ڳائڻ جي شروعات ڪئي. سندس ڀيڻيوي محمد حميد سندس حوصلي افزائي ڪئي. محمد رفيع، استاد بڙي غلام علي، استاد عبدالوحيد خان، پنڊت جيوڻ لال مٽو ۽ فيروز نظاميءَ کان هندستاني ڪلاسيڪي سنگيت سکيو. هن پهريون دفعو 13 سالن جي عمر ۾ ڪي. ايل. سهگل جي هڪ ڪنسرٽ ۾ ڳايو. هن پهرئين فلم ’گل بلوچ’ (1944ع) ۾ زينت بيگم سان گڏ دوگانو ’سوهيني ني هيريني ني‘ ڳايو، جنهن جي ڌن شيام سندر ٺاهي هئي. ان کانپوءِ جلد ئي رفيع کي لاهور ريڊيو اسٽيشن تي ڳائڻ جي آڇ ٿي، پر رفيع 1944ع ڌاري بمبئي منتقل ٿي ويو، جتي هن جو تعارف پروڊيوسر عبدالرشيد ڪاردار، محبوب خان ۽ اداڪار ۽ هدايتڪار تنوير نقويءَ جھڙين شخصيتن سان ٿيو. رفيع بمبئيءَ ۾ مشهور موسيقار نوشاد سان ملاقات ڪري، شروع ۾ هن لاءِ ڪورس ۾ شامل ٿي ڳايو. موسيقار نوشاد لاءِ هن جو پهريون گانو ’هندستان ڪي هم هين‘ هو، جيڪو عبدالرشيد ڪاردار جي فلم ’پهلي آپ‘ ۾ شامل ڪيو ويو. تقريباً انهيءَ دؤر ۾ رفيع، شيام سندر جي فلم ’گائون ڪي گوري‘ لاءِ هڪ ٻيو گانو رڪارڊ ڪرايو. محمد رفيع 1945ع ۾ پنهنجي سؤٽ بشريٰ سان شادي ڪئي ۽ انهيءَ سال هو ’ليليٰ مجنون‘ فلم ۾ اسڪرين تي ظاهر ٿيو.
محبوب خان جي فلم ’انمول گھڙي‘ (1946ع) جي هڪ گاني ڳائڻ تي رفيع کي پهريون ڀيرو ڪافي پذيرائي ملي. 1947ع ۾ هن نورجهان سان گڏ هڪ دوگانو ’يهان بدلا وفا ڪا‘ ڳايو، جيڪو ڪافي مقبول ٿيو. ورهاڱي بعد رفيع هندستان ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ خاندان سميت بمبئيءَ وڃي رهيو.
رفيع 1948ع ۾ راجندر ڪرشن جو لکيل ڪلام ’سنو سنو اي دنيا والو‘ ڳايو، جيڪو ڪافي مقبول ٿيو، جنهن تي وزيراعظم جواهر لعل نهرو کيس گھر اچي ڳائڻ جي دعوت ڏني. آزاديءَ واري ڏينهن تي کيس چاندي جو تمغو ڏنو ويو. 1949ع ۾ نوشاد، شيام سندر ۽ حسن لال، ڀڳت رام جھڙن موسيقارن هن کان سولو ڳارايو. فلم ’بيجو باورا‘ (1952ع) جي ٻن گانن ’او دنيا ڪي رکوالي‘ ۽ ’من تڙپت هي درشن ڪو آج‘ ڳائڻ تي هن کي مقبوليت ملي. رفيع، موسيقار نوشاد جا جوڙيل 149 گانا ڳايا. ان کان سواءِ برمن جي ڪيترين فلمن ۾ رفيع جا گانا رڪارڊ ڪيا ويا، جن ۾: ’تيري گھر ڪي سامني‘ (1957ع)، ’پياسا‘ (1957ع)، ’ڪاغذ ڪي ڦول‘ (1959ع، ’گائيڊ‘ (1965ع)، ’اراڌنا‘ (1969ع) ۽ ’اڀمان‘ (1973ع) فلمون شامل آهن. ان بعد رفيع ڪشور ڪمار لاءِ وڌيڪ فلمن ۾ ڳايو. او. پي نير، رفيع ۽ آشا گڏجي ’نيا دؤر‘ (1957ع)، ’تم سا نهين ديکا‘ (1957ع) ۽ ’ڪشمير ڪي ڪَلي‘ (1957ع) جھڙين فلمن لاءِ سدا بهار گيت تخليق ڪيا. او. پي نير لاءِ رفيع 197 گيت ڳايا ۽ شنڪر جي ڪشن لاءِ رفيع 341 گانا (216 سولو) ڳايا. 1960ع ۾ رفيع کي ’چوڌوين ڪا چاند‘ ڳائڻ تي پهريون فلمي اوارڊ مليو. ان کانپوءِ رفيع ۽ موسيقار روي گڏجي ڪيترا مقبول گانا تيار ڪيا، جن ۾: ’چائنا ٽائون‘، ’ڪاجل ۽ دو بدن‘ فلمن جا گانا شامل آهن. رفيع جو مدن موهن سان گڏ فلم ’آنکين‘ جو گانو ’هم عشق ۾ برباد هين برباد رهين گي‘ ڪافي مقبول ٿيو. موسيقار لڪشمي ڪانت پياري لال به رفيع کي پنهنجي بهترين ۽ پسنديده گلوڪار جي حيثيت ڏني. رفيع، لڪشمي ڪانت پياري لال لاءِ 369 گانا ڳايا. رفيع پاڪستان لڏي ويل موسيقار نثار بزميءَ لاءِ به ڪافي گيت ڳايا. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ لتا منگيشڪر ۽ رفيع جا تعلقات خراب ٿيا، پر سندن ايس. ڊي. برمن جي اصرار تي ٻنهي ٺاهه ڪيو ۽ ڪافي دوگانا ڳايا، پر سندن ذاتي اختلاف برقرار رهيا. رفيع انگريزي ٻوليءَ ۾ به دوگانا رڪارڊ ڪرايا ۽ 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ماريشس ويو ته اتي ڪريول ٻوليءَ ۾ به گانا ڳاتائين. محمد رفيع کي 70 واري ڏهاڪي ۾ گاني ’تيري گليون ۾ نه رکين گي قدم‘ تي فلم فيئر اوارڊ ۽ نيشنل اوارڊ مليا ۽ ان کانپوءِ کيس ڪامياب فلمون ملنديون رهيـون، جــن ۾ ’ليليٰ مجنون‘ (1976ع)، ’امر اڪبر انٿوني‘ (1977ع)، ’اپنا پن‘ (1978ع)، ’دوستانا‘ (1980ع)، ’نصيب‘ (1981ع)، ’عبدالله‘(1980ع)، ’شان‘ (1980ع)۽ ’آشا‘ (1980ع) فلمون شامل آهن.
محمد رفيع 1980ع ڌاري دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي.


لفظ رفيعھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو