ريڊيو

ريڊيو

ريڊيو

ريڊيو

ريڊيو

ريڊيو

ريڊيو

ريڊيو

ريڊيو

ريڊيو (Radio): ريڊيو هڪ اهڙو اوزار ۽ هڪ اهڙي ايجاد ۽ ٽيڪنالاجي آهي، جيڪو معلومات فراهم ڪرڻ سان گڏ وندر جو به ذريعو آهي. ريڊيي تان ڪيترا مقامي، قومي ۽ عالمي پروگرام نشر ٿين ٿا.
ريڊيو هڪ اهڙو آلو/ اوزار آهي، جنهن کي ريڊيو فريڪوئنسيءَ جي برق مقناطيسي ڪِرڻن/ شعاعن وصول ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي. ريڊيو بنيادي طور پراهين مفاصلي تي موجود ماڻهن ۾، تارن کان سواءِ ابلاغ/ معلومات پهچائڻ جو هڪ وسيلو آهي. اسان جيڪي آواز ڪڍون ٿا، يا جيڪي سازن جا آواز/ سُر آهن، سي لهرن جي شڪل ۾ هوندا آهن، جن کي ’آواز جون لهرون‘ چئبو آهي. آواز جي رفتار، روشنيءَ جي لهرن جي رفتار کان گهٽ هوندي آهي. آواز جون اُهي لهرون، جيڪي ريڊيو اسٽيشن تي پيدا ٿين ٿيون، سي خلا ۾ برق- مقناطيسي لهرن ۾ بدلجي وڃن ٿيون ۽ اُهي روشنيءَ جي رفتار سان اڳتي وڌن ٿيون. هي برق- مقناطيسي لهرون گئسن، پاڻياٺ، نهرن جسمن ۽ خلا مان به گذري وڃن ٿيون. اهي لهرون نشرياتي اسٽيشن تان فضا ۾ منتقل ٿي، ريڊيو(Radio) وٽ پهچن ٿيون ۽ ريڊيو ۾ اهڙو طريقيڪار رکيل آهي، جو اهي برق مقناطيسي لهرون ٻيهر آوازي لهرن ۾ بدلجي وڃن ٿيون. هن طريقيڪار موجب اسين ريڊيو تان پنهنجي پسند جا پروگرام ٻڌي سگهندا آهيون.
وقت بوقت ٽيڪنالاجيءَ ۾ جدت ۽ سڌارا ايندا رهن ٿا، ان ڪري مارڪيٽ ۾ ڪيترن قسمن جا ريڊيا موجود آهن. جيتوڻيڪ ريڊيو، ٽيليويزن، ريڊار ۽ موبائيل فون جهڙن برق مقناطيسي لهرون استعمال ڪندڙ اوزارن/ ايجادن کان الڳ آهي، پوءِ به اڄڪلهه موبائيل فون ۾ پڻ ريڊيو جي سهولت موجود آهي.
ريڊيو جي ايجاد جي پسمنظر کي جاچبو ته معلوم ٿيندو ته اُن جي ايجاد ۾ ڪيترن سائنسدانن جون ڪاوشون شامل آهن. 19 صديءَ جي آخر ۾، هن دنيا ۾ ’آواز جي دنيا‘ تخليق ٿي چڪي هئي. ريڊيو جي ايجاد ۾ هائينرخ هرٽز (Heinrich Hertz)، گگلي ايلمو مارڪوني (Guglielmo Marconi) ۽ ايڊورڊ برنيلي (Edoward Branly) جون اهم ڪوششون شامل آهن. پر کانئن اڳ هڪ اسڪاٽش طبيعياتدان جيمز ميڪس ويل 1860ع ۾ پهريون ڀيرو خيال پيش ڪيو ته اِيٿر جي ذريعي برق- مقناطيسي تابڪاريون موڪلڻ ممڪن آهن. هائنرخ هرٽز ميڪس ويل کان 20 سال پوءِ برق- مقناطيسي لهرون پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي ڳولڻ لاءِ تجربن جي شروعات ڪئي. هن ٽرانسميٽر طور ڪم ڪندڙ هڪ اسپارڪ ڪوائل ٺاهيو.
1894ع ۾ هڪ انگريز سائنسدان اوليور لاج به اٽڪل هڪ ميل تائين هڪ سگنل موڪليو، پر بدقسمتيءَ سان هرٽز توڙي لاج ’ريڊيائي لهرن‘ (Radio waves) جي امڪان تي غور نه ڪيو. هڪ روسي سائنسدان اليگزينڊر شيانو وچ پوپوف به ڪوشش ڪري ميلن تائين سگنل موڪليا ۽ انهن کي موٽائي وصول ڪرڻ سميت ڪيترن عملن تي غور ڪيو، ان ڪري کيس ريڊيو جو اصل موجد سڏيو ويندو آهي. هن 1895ع ۾ هڪ رسيوَر (Receiver) ٺاهيو، جيڪو فضا ۾ برق- مقناطيسي لهرن کي ڳوليندو هو. هن پر اعتماد ٿي چيو ته هڪ نه هڪ ڏينهن هي موڪليل سگنلن کي وصول ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. 1896ع ۾ پوپوف، سينٽ پيٽسبرگ ۾ هڪ تجربي ذريعي پنهنجي هن خيال کي عملي جامو پارائي ڏيکاريو.
ريڊيو جي ايجاد ۾ مرڪزي ڪردار اطالوي طبيعياتدان مارڪونيءَ ادا ڪيو. هن ريڊيو بيم کي سنهو ۽ طاقتور بنائڻ لاءِ تجربا جاري رکيا ۽ آئرلينڊ ۾ رهندڙ پنهنجي سؤٽ جي مدد سان هن پنهنجي آلي/ اوزار کي مڪمل ڪري ورتو. برٽش پوسٽ آفيس، مارڪونيءَ جي ڪاميابيءَ کي محسوس ڪندي، سندس حوصلي افزائي ڪئي، نتيجي طور سندس هر تجربي ۽ ايجاد ۾ ترقي آئي. آخرڪار مارڪوني، انگلش چينل جي همت افزائيءَ سان 4 ميلن جي پنڌ تائين هڪ ريڊيو سگنل موڪلڻ ۾ ڪامياب ويو. هن پنهنجي سؤٽ سان گڏجي ’وائرليس ٽيليگراف اينڊ سگنل ڪمپنيءَ‘ جو بنياد وڌو. 1899ع ۾ هن 31 ميلن جي مفاصلي تائين فرانس ۾ واقع اسٽيشن سان مواصلاتي رابطو ڪرڻ لاءِ انگلنڊ ۾ ’ريڊيو گرافي اسٽيشن‘ قائم ڪئي. ڪيترن سائنسدانن هن عمل کي ناممڪن قرار ڏنو، پر مارڪونيءَ همت نه هاري. هن اسپارڪ، ڪوائل ۽ ڪوهيرر استعمال ڪندي 11 ڊسمبر 1901ع ۾ مارڪونيءَ، بحر اوقيانوس جي ٻئي پار، مورس ڪوڊ (Morse Code) جي صورت ۾ 2000 ميلن تائين سگنل پيغام موڪلڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ۽ هن تجربي کيس ريڊيو جي حقيقي موجد هئڻ جي قابل بنائي ڇڏيو. 1904ع ۾ جان فليمنگ (John Fleming) پهريون خلا بردار ٽيوب ٺاهيو، جيڪو ريڊيائي لهرن (Radio waves) کي اليڪٽراني طريقي سان وصول ڪندو هو. 1906ع ۾ پهريون ڀيرو ڪوڊ سگنل بدران آواز جي رسد ۽ وصولي ممڪن ٿي سگهي.
1906ع کان ريڊيو براڊڪاسٽنگ جي شروعات ٿي ۽ 1909ع ۾ مارڪونيءَ ۽ جرمن طبيعيات دان ڪارل بران کي گڏيل طور نوبل انعام ڏنو ويو.
باقاعدي پهريون ريڊيو 1920ع ۾ آمريڪا جي شهر فٽس برگ ۾ شروع ٿيو. دنيا ۾ ريڊيو اسٽيشنن جون لائبرريون مختلف آوازن جي رڪارڊنگس سان ڀريون پيون آهن، جن ۾ آمريڪا ۾ ٿامس ايڊيسن جي ايجاد ’آواز رڪارڊ ڪرڻ واري اوزار‘ جي ويڪري سلينڊر تي سندس رڪارڊ ڪيل آوازَ ۽ 1900ع ۾ رڪارڊ ڪيل ڪيتريون رڪارڊنگس (Recordings) موجود آهن. 1925ع ۾ جارج برناڊشا ريڊيو تي رڪارڊنگ لاءِ آيو هو، سندس اها رڪارڊنگ به دنيا جي ’آوازي خزاني‘ ۾ يادگار طور موجود آهي. 1945ع ۾ آمريڪا جپان ۾ پهريون ائٽم بم ڪيرايو هو، جنهن جو آواز به ريڊيو ٻڌندڙ ڪيترا ڀيرا ٻُڌي چڪا آهن.
برصغير ۾ 13 جولاءِ 1927ع تي بمبئي انڊين براڊڪاسٽنگ ڪمپنيءَ جي شروعات ٿي، ان کانپوءِ آل انڊيا ريڊيو نيٽ ورڪ قائم ٿيو، جنهن تحت 16 ڊسمبر 1937ع تي لاهور اسٽيشن قائم ٿي. 1948ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشنون قائم ٿيون، ۽ ائين سنڌ، پنجاب ۽ برصغير ۾ ريڊيو عام ٿيو.
اڄ به ريڊيو جي اهميت پنهنجي جاءِ تي قائم آهي. ريڊيو واحد نشرياتي/ ابلاغ جو ذريعو آهي، جيڪو جنگي حالتن ۾ به بند نه ٿيندو آهي.
شروعاتي دؤر ۾ صرف بجليءَ تي هلندڙ ريڊيا هوندا هئا، پر پوءِ بئٽريءَ تي هلندڙ ريڊيا وجود ۾ آيا، جن کي ’ٽرانزسٽرريڊيو سڏيو ويو. انهيءَ جي ايجاد کان پوءِ ريڊيو، گهر يا ڪنهن عمارت جي چارديواريءَ کان ٻاهر نڪتو ۽ شهرن سان گڏ اهڙين ٻهراڙين تائين به پهتو، جتي بجلي ڪانه هئي.
هن وقت ٻهراڙين ۾ هر ڪاهيندڙ هاري هجي يا گڏهه گاڏو يا ٽريڪٽر هلائيندڙ، پاڻ سان اهڙو ننڍڙو ريڊيو کڻي گيت سنگيت سان دل وندرائيندو ڏسبو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪيترا پروگرام خاص هارين نارين لاءِ پڻ پيش ڪيا ويندا آهن.
ريڊيو جي ايجاد انساني تاريخ ۾ هڪ وڏو مواصلاتي انقلاب آڻڻ جو سبب بڻي.


لفظ ريڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.07.13  عيسوي

برصغير ۾ 13 جولاءِ 1927ع تي بمبئي انڊين براڊڪاسٽنگ ڪمپنيءَ جي شروعات ٿي، ان کانپوءِ آل انڊيا ريڊيو نيٽ ورڪ قائم ٿيو، جنهن تحت 16 ڊسمبر 1937ع تي لاهور اسٽيشن قائم ٿي. 1948ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشنون قائم ٿيون، ۽ ائين سنڌ، پنجاب ۽ برصغير ۾ ريڊيو عام ٿيو.



ٽيڪنالاجي ۽ ايجادون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زپ ڊسڪ
ٽيليڪرون
بحري تار
ريفريجريٽر
راڪيٽ
بلب
ريڊيو
زپ ڊرائيو
ٽيڪنالاجي ۽ ايجادون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون