پتلي

پُتلي: مٽيءَ يا ڌاتوءَ مان ٺهيل ننڍڙو بُت، مورتي، ڪاٺ جو گڏو، ڪاٺيءَ مان ٺهيل خاص قسم جي گُڏي، جيڪا ”پتلين جي تماشي“ ۾ پيش ڪئي ويندي آهي. پتلين جي راند گهڻو ڪري راجستاني نٽ يا بازيگر ڪندا آهن. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پتلين جو تماشو ڪيو ويندو آهي، جن ۾ هالينڊ ۽ چين قابل ذڪر آهن، پاڪستان ۾ پڻ اهڙا کيل ٿيندا آهن. رفيع پير ٿيٽر ۽ ٻين ڪن ٿيٽرن پاران سماجي مسئلن تي پتلين جا کيل پيش ڪيا ويندا آهن. سنڌ ۾ به آڳاٽي وقت ۾ پتلين جو تماشو ڏيکاريو ويندو هو.


لفظ پتليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


رانديڪو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پتلي
جنڊالڙو
رانديڪو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون