تليهر

تليهر

تليهر

تليهر/ پدم/ ڪاريهر/ واسينگ: هيءَ جنس ڊگهن ۽ ٿلهن نانگن تي مشتمل آهي، جيڪي پنهنجي ڳچيءَ جي هڏين کي پکيڙي ڦڻ ٺاهڻ جي صلاحيت رکندا آهن. عام اصطلاح ۾ ’نانگ‘ جي هيءَ جنس خطري مهل پنهنجي ڦڻ ۽ جسم جو اڳيون حصو مٿي کڻي ماحول جو جائزو وٺندي آهي. سنڌ ۾ موجود نانگ ’پدم‘ يا ’تليهر‘ (Naja naja) جي ڦڻ جي پويان اڇن ڪارن ڇلرن جي ميلاپ سان عينڪ جهڙو نشان ٺهندو آهي. جڏهن خطرو ٽري ويندو آهي، تڏهن ڦڻ به گم ٿي ويندي آهي ۽ نانگ تيزيءَ سان پنهنجو رستو وٺي راهي ٿيندو آهي. هن جنس جو وڏي ۾ وڏو نانگ 2.25 ميٽر رڪارڊ ڪيو ويو آهي پر اهو عام طور 1.62 کان 1.37 ميٽر هوندو آهي.
نانگن ۾ مختلف رنگ ۽ چٽ وغيره ٿين ٿا، انهن ۾ مختلف ماحولن ۽ عمر جي مختلف حصن ۾ رنگن جو فرق به هوندو آهي. انهن جا رنگ ڪاري کان هلڪا ناسي، ريتيلا ناسي، سونهري به ٿين ٿا، فقط Naja naja جنس ۾ ئي ايترو فرق هوندوآهي، جو ان جو هڪ قسم بلڪل سفيد ٿيندو آهي جنهن کي Albino Indian Cobra چوندا آهن. نانگن جي ڪجهه قسمن جا سنڌي، انگريزي ۽ سائنسي نالا هن ريت آهن:
1 تليهر، پدم Spectacled or Binocettale Cobra/ Naja naja جنهن جي ڦڻ تي عينڪ جهڙو نشان هوندو آهي.
2 اڇو نانگ Albino Indian Cobra/ Naja naja هي نانگ بلڪل اڇي رنگ جو ٿيندو آهي.
3 پدمMonocellated Cobra/ Naja kaouthia هن جي ڦڻ تي انگريزي اکر ’O‘ وانگر بي ترتيب گول نشان هوندو آهي.
4 ڪاريهر Black Cobra/ Naja oxina پوريءَ طرح پدم جهڙو هوندو آهي، پر ان جي ڦڻ تي ڪو به نشان نه هوندو آهي.
5 جُهوڙ، واسينگ، اهِيراج King Cobra/Ophiophagus Hannah/ جيڪو رنگ روپ ۾ وئينس نانگ سان مشابهه آهي. هي هيڊو ناسي ٿئي ٿو، هن جو جسم تي 40 کان 50 هلڪيون پٽيون يا ڇلا ٿين ٿا. هن جو مٿو زيتوني ناسي، ڳچيءَ جو رنگ هلڪو ڦِٽل نارنگي هوندو آهي. هي نانگ دنيا ۾ سڀ کان ڊگهو زهريلو نانگ آهي، جنهن جي ڊيگهه 3 کان 5 ميٽر (10 کان 16 فٽ) هوندي آهي.
جوڳين وٽ نانگن جا ڪي ٻيا قسم يا نالا به آهن مثال طور: جُهوڙ ، ڪاريهر، واسينگ، چُهڙو، گڊو وغيره.
هي نانگ هر قسم جي ماحول ۾ موجود هوندو آهي، انڪري اهو جهنگ، ٻيلي، کليل ميدانن، ٻنين، شهري آبادين ويجهو توڙي ويرانن ۾ به ٿئي ٿو. نانگ لاءِ گِهميل علائقا وڌيڪ مناسب هوندا آهن. نانگ بنيادي طرح خارباز جاندار نه آهي. جيڪڏهن ان کي تنگ نه ڪبو ته آرام سان پنهنجي راهه وٺي هليو ويندو آهي. نانگ کي ڏينهن جو پڪڙڻ ڪجهه آسان هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڏينهن جو هن جي ديد گهٽ پوندي آهي. رات جو سرگرم رهندو آهي. مقابلي جي صورت ۾ ڄمي وڙهندو آهي، جارحاڻي انداز ۾ وري وري حملو ڪندو آهي ۽ دشمن قوت کي وات ۾ وجهي چٻاڙيندو آهي. نانگ ڏينهن جو حملو فقط ڊيڄارڻ لاءِ ڪندو آهي.
نانگ عام طور تي ڪِرڙيون، پکي، آنا، ڪوئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻيءَ جنس جا نانگ به کائيندو آهي. نانگ جنوريءَ کان مارچ تائين جنسي ميلاپ ڪندو آهي. نانگ جي مادي اپريل ۽ جُون جي وچ ۾ آنا ڏيندي آهي، جن مان 30 کان 45 ڏينهن ۾ ٻچا نڪري ايندا آهن. آنن جي نر ۽ مادي ٻئي حفاظت ڪندا آهن. واسينگن جا ٻچا (وياءَ) ننڍڙي ڦڻ ٺاهي سگهندا آهن. ننڍي کنڊ ۾ نانگن جي آباديءَ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هنن جون جسماني خاصيتون پاڻ ۾ ملندڙ هونديون آهن پر اهي جاگرافيائي لحاظ کان ڌار ڄاڻائي سگهجن ٿا.
تليهر نانگ جوانيءَ ۾ ڪارو يا گهرو ڀورو هوندو آهي. هيٺئين پاسي هلڪو مِيٽائون يا زردي مائل اڇو ٿيندو آهي، ان پاسي تي ننڍا ننڍا مِيٽاوان چٽ ٿين ٿا. نانگ جو ٻچو گهرو ڀورو يا هلڪو ڀورو ٿئي ٿو، جنهن تي گهري رنگ جي ڪنارين جا ڇلر هوندا آهن، ۽ ان جي ڳچيءَ تي ڪجهه ڪاريون ليڪون ٿين ٿيون.
پدم، ڪاريهر يا تليهر جنس جو نانگ اوڀر ايشيا ۾ هندي وڏي سمنڊ جي ٻيٽن کان وٺي سڄي هندستان، سنڌ ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ ٿئي ٿو.


لفظ تليهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو