شڪنتلا

شڪنتلا

شڪنتلا

شڪنتلا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب هندستان جي آڳاٽي عظيم شاعر ڪاليداس (Kalidas) جو، سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لکيل ناٽڪ آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ رشيد احمد لاشاريءَ ترجمو ڪيو آهي. رشيد احمد لاشاريءَ جي ڪيل ترجمي کان اڳ ٻه ڀيرا هن ڪتاب جو ترجمو ٿيو، جن مان هڪ مرزا قليچ بيگ ۽ ٻيو ڪلياڻ آڏواڻيءَ ڪيو. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪيل ترجمي ۾ صرف قصي جو پلاٽ وٺي، ان کي پنهنجن لفظن ۾ لکيو. ڪاليداس جو هي ناٽڪ هندستاني ادب جو شاهڪار آهي. ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ سر وليم جونس (Sir William Joans: 1746-1794) ‘شڪنتلا’ جو ترجمو انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيو، جنهن سان يورپ جي ادبي حلقن ۾ هن ڪتاب تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. مغربي ٻولين کانسواءِ دنيا جي تقريباً سڀني ٻولين ۾ ان جا ترجما شايع ٿيا. گوئٽي ۽ جڳ مشهور فرانسيسي ٻوليءَ جي شاعر ’گوتير‘ هن ڪتاب جي شرح لکي ۽ هن جو شمار ’هئمليٽ‘ ۽ ’فائوسٽ‘ سان گڏ، دنيا جي بهترين ناٽڪن ۾ ٿيڻ لڳو. هندستان ۾ ’شڪنتلا‘هڪ بهترين ادبي تخليق طور شمار ڪيو ويندو آهي. خاص ڪري سنسڪرت ٻوليءَ جا ڄاڻو هن ناٽڪ جا خاص شيدائي آهن.
اردو زبان ۾ هن ناٽڪ جو ترجمو سيد اختر حسين راڻيپوريءَ ڪيو، جيڪو انجمن ترقي اردو (هند) نئين دهليءَ طرفان شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب جي سنڌي ترجمي جو پيش لفظ خود مترجم رشيد احمد لاشاريءَ لکيو آهي، ان کانسواءِ ڪتاب جي شروعات ۾ شڪنتلا ناٽڪ جي اصلوڪي مصنف جو تعارف، ناٽڪ بابت مکيه اشارا، شڪنتلا ناٽڪ جي مکيه ڪردارن جو احوال ۽ شڪنتلا جي سنسڪرتي مهاڳ جي سنڌي ترجمي کانپوءِ ستن حصن ۾ ناٽڪ جو بيان ڪيل آهي. رشيد احمد لاشاريءَ جو ڪيل هيءُ سنڌي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1958ع ۾ ڇاپيو ويو. ڪرائون سائيز جو هيءُ ڪتاب 176 صفحن تي مشتمل آهي ۽ جنهن جي قيمت 2 روپيا آهي.


لفظ شڪنتلاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو