جلوالي

جلوالي: محمد بن قاسم جي ڪاهه وقت ’جلوالي‘ مهراڻي درياهه جي ڪا هڪ ننڍي شاخ هئي. چچ نامي جي اصل فارسي متن ۾ ”جوئي جلوالي“ ڪري ڄاڻايل آهي. يعني ”جلواليءَ جو ڍورو“. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها شاخ برهمڻ آباد شهر جي اڀرندي طرف وهندڙ هئي ۽ محمد بن قاسم برهمڻ آباد تي چڙهائي وقت هن جي ڪناري تي اچي ڪئمپ لڳائي هئي ۽ پوءِ آهستي آهستي ڦري ’جرواري‘ ۽ ’ڄراڙي‘ وٽ رسيو هو. ڄراڙي جو ڳوٺ شهدادپور کان 10 ميل اوڀر طرف اڄ ڏينهن تائين مهراڻ جي قديم ڍوري يا شاخ جي قديم نالي جي يادگار طور موجود آهي. ميجر جنرل هيگ جنهن 1873ع ۾ مهراڻ جي مڙني ڍورن جي ماپ ڪئي. جلوالي شاخ جي پيٽ جو عرب جاگرافيائي نويسين جي بيانن ۽ پنهنجي معائني جي بنياد تي پورو پورو پتو ڏنو آهي، اڄ به سندس بيان موجب هيءَ شاخ سڪرنڊ کان 10 ميل اوڀر طرف ڪلري وٽان مکيه درياهه مان نڪري هيٺ منصوره جي اوڀر پاسي کان وهي (ڏکڻ طرفان ور ڪري) منصوره کان 10 ميل ڏکڻ-اولهه طرف اچي (مکيه درياهه) لوهاڻي ۾ گڏبي هئي. ان جي جملي ڊيگهه يقيني طور 50 ميل کن هوندي. اها شاخ عرب جاگرافيائي نويسين مهراڻ درياهه جي پيٽ واري سڌي قطار جي ڏاکڻي حصي ۾ اڌ گول جي صورت ۾ ڏيکاري آهي. انهيءَ قديم ڍوري جا نشان ڪٿي ڪٿي اڃا تائين موجود آهن. هن وقت اهو نالو شهدادپور تعلقي جي هڪ ديهه جو آهي، جيڪا نوابشاهه کان 3 ميل اوڀر طرف آهي.



لفظ جلواليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو