ذات

ذات (Caste): انسانن جو هڪ اهڙو گروهه، جيڪو نسلي طور ڪنهن مخصوص سماجي ڍانچي ۾ رهندڙ، هڪ ئي ڏاڏي، پڙڏاڏي جي پيڙهيءَ مان هجي ته ان قبيلي/ جاتيءَ کي ذات چئبو آهي.
ذات‘ ذاتي ۽ ڪٽنبي سڃاڻپ جو اهڃاڻ آهي. ذات عربيءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: وجود، شيءِ، معنيٰ ۽ خود وغيره. انگريزيءَ جو Caste لفظ اصل پورچوگيزي لفظ Casta مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: نسل، پاڙو، نوع، قسم وغيره.
ڊاڪٽر بلوچذات‘ کي پنٿ، فرقو، ڪوفو، مت، جاتي، خاندان، گهراڻي، قبيلي، پاڙي، بک، ڪڙم، آڪهه، نيات، پُهائي وغيره جي معنائن ۾ ڄاڻايو آهي. انسانن ۾ ريتن، ڪرتن ۽ سماجي رتبن جي ڪري به ذاتيون ٺهن ٿيون، جيڪي مختلف صورتن ۾ قديم وقت کان قبيلن، نسلن ۽ قومن جي وجود جو سبب بنجنديون آيون آهن. انهيءَ ئي پسمنظر ۾ پيدائشي رتبي/ مرتبي واري سڃاڻپ کي به ’ذات‘ چئبو آهي.
انساني ارتقا تي هڪ نظر وجھبي ته خبر پوندي ته قديم وقت ۾ انسان غير مهذب ۽ جھنگلي زندگي گذاري، پر پوءِ آهستي آهستي انسان ۾ شعور ۽ سجاڳي آئي ۽ پاڻ ۾ گڏجي رهڻ لڳو، جنهنڪري ئي سماج ۽ ڪٽنب، ذاتين ۽ قبيلن ۽ اڳتي هلي قومن جو بنياد پيو. سماج هڪڙو بنيادي معاشرتي ايڪو آهي، جنهن ۾ انسان پرورش وٺي ٿو. اڳتي وڌي ۽ ترقي ماڻي ٿو، جنهن مان ئي برادريون، ذاتيون، قبيلا ۽ قومون جنم وٺن ٿيون. قرآن شريف جي ’سورت الحجرات‘ (49) ۾ فرمانِ الاهي آهي ته (ترجمو): ”اسان قبيلا ۽ برادريون پيدا ڪيون ته جيئن توهان هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگھو.“
هندي قديم روايتن ۾ ’ذات‘ کي ’ورڻ‘ ڪوٺيو ويو آهي. جڏهن ته سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ان کي ’جاتي‘ سڏيو وڃي ٿو. ورن، ذاتين جي ميڙ کي چئبو آهي، جنهن جي معنيٰ قبيلو وٺي سگهجي ٿي. ذاتين جي سلسلي لڳ ڀڳ سنسڪرت زماني ۾ اٽڪل 3000 سال ق. م ۾ خانه بدوش آرين جي دور ۽ مُنو شاستر جي وقت ۾ زور ورتو. قديم ڪتابن ۽ صحيفن مان پتو پوي ٿو ته آرين سنڌو تهذيب ۾ سمائجڻ کان پوءِ معاشري کي هڪ بنيادي ’ذاتيات واري نظام‘ ۾ ورهايو ۽ آريائي قانون سان برهمڻن چار موروثي گروپ بڻايا، جيڪي اڄ سوڌو قائم آهن. آرين پنهنجي مذهبي طبقي کي ’برهمڻ‘ جو درجو ڏنو ۽ کين زميني ديوتا ڪوٺيو، جنهن کانپوءِ ’کشتري‘ (کتري)، جنگجو ۽ راجا ڪوٺيا ويا، ٽيون طبقو ’وئش‘، واپار ڪندڙ، ڪاروباري ۽ پوک ڪندڙ (آبادگار) ڪوٺيا ويا ۽ آخري درجو ’شودرن‘ کي ڏنو ويو، جيڪي مزدور ۽ محنت ڪش هئا. انهيءَ زماني ۾ بي ذات ماڻهن کي اڇوت جو درجو ڏنو ويو، جن کي شودرن کان به نيچ ۽ گھٽ حيثيت ڏني ويندي هئي. اهو سماج ۽ تهذيب جو بلڪل ابتدائي دور هو، جتان ڌنڌن عيوض ذاتين تي نالا پوڻ شروع ٿيا. ائين صديون اڳ ۾ آرين (برهمڻن) جو بنايل ذات پات وارو نظام هندو مذهبي سماج جو حصو بڻجي ويو. جيتوڻيڪ هندستان جي ذات وارين خوبين ۾ موروثي حيثيت برقرار رهي، پر صرف پنهنجي ذاتآڪهه‘ جي ماڻهن ۾ شادي ڪرڻ، پيشي جي چونڊ ۽ ٻين ذاتين واري ماڻهن سان ميل جول تي پابندي رهي. آواگون جنم مٽائڻ يا ٻيهر جنم وٺڻ ۽ ڪرم يعني عمل جھڙن نظرين جي رشين، ذات کي هر حالت ۾ برقرار رکيو. هندومت جي مذهبي عقيدن موجب سڀ ماڻهو ٻيهر مجسم ٿيا آهن، مطلب ته هنن ٻيهر جنم ورتو آهي، يا وري ٻيهر جسم حاصل ڪيو اٿن، اهي سڀ گذريل جنم ۾ گھٽ ذات سان تعلق رکندا هئا، پر باوجود ان جي ڪرم يعني عمل سان به سندن ذات ۾ ڪا به تبديلي نه آئي، يعني عمل سان به ڪنهن ماڻهوءَ جي رُتبي ۾ برتري، يا ذات ۾ تبديلي نه اچڻ ڏني وئي، ضابطن ۽ قانونن موجب جيڪو جتي هو، سو اُتي ئي رهيو، مطلب ته هندومت جيڪي چار گروپ يا ورن (ذاتيون) نڻايون، اهي صدين تائين قائم رهيون ۽ انهن چئن گروپن مان ئي ذاتين ۽ برادرين جون شاخون ٺهنديون ۽ جڙنديون ويون.
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ذات مذهبي يا ڌرمي هئڻ کان وڌيڪ ڪنهن حد تائين سماجي مظهر آهي، جنهن جو هندو مذهب سان ڪو لازمي تعلق ڪونهي، تمام قديم قومن وانگر هندو ڌرم جا به مخصوص تصور ۽ رواج رهيا ۽ انهن جو ڪنهن حد ۽ زماني تائين تسلسل به جاري رهيو. سڀني قديم ماڻهن ۾ اسان کي ڪيترين قبائلي برادرين جي ورهاست ملي ٿي، جيڪي گڏيل نسل جي لاڳاپن ۾ جڙيل آهن ۽ انهن لاڳاپن جو جڙيل هجڻ محض ان لاءِ رهيو آهي ته جيئن قبيلي جا مقصد وڌندا رهن ۽ انهن ۾ اتحاد قائم رهي. هن وقت دنيا جي ترقي يافته معاشرن ۾ جتي ماڻهن جا پيشا جدا جدا ٿي چڪا آهن، اتي قبيلا بنهه مٽجي ختم ٿي چڪا آهن ۽ انهي جي جاءِ تي ’قومن‘ جي تشڪيل ٿي آهي ۽ عالمي سطح تي قومن جون برادريون جڙيون آهن ۽ قومن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ عالمي سطح تي گڏيل ادارا جڙيا آهن. هن مرحلي کان به اڳ ۾ انساني سماج ۾ منظم برادريون ۽ انجمنون نظر اچن ٿيون، جيڪي گڏيل (رت جي ٻنڌڻ) بدران گڏيل پيشن جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن ۽ انهن جو گڏيل مقصد صرف انهي برادري يا انجمن کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ رهيو آهي.
يورپي تاريخ ۾ وچئين دور جون تجارتي انجمنون اهڙي ئي نوعيت جون هيون، پر انهن جي اصل هيئت ۽ ابتدائي شڪل جي باري ۾ سموري جديد تحقيق انهيءَ نتيجي تي پهتل نظر اچي ٿي ته انجمن پنهنجي ابتدائي شڪل ۾ قبيلن وانگر مشترڪ (گڏيل) نسل تي بنياد رکندي هئي ۽ انهن ادارن يا انجمنن جو بنيادي اصول خون (رت) واري برادري ۽ پوءِ پيشي واري برادريءَ تي منحصر رکيو ويو. جيستائين پيشي جي موروثي نوعيت برقرار هئي ته لوهر جو پٽ ئي لوهر بڻجندو هو، تيستائين اهي ٻئي اصول هڪ ٻئي جي مشابهه هئا. اڄ تائين دنيا جي هر برادريءَ ۾ رتبا ۽ عهدا فرق وارا موجود آهن ۽ سڀني معاشرن ۾ اهي رتبا ۽ فرق ٻن حوالن سان مقرر رهيا آهن ۽ اهي مقرر ڪيل فرق يا رتبا، پيشي يا نسل جي حوالي سان آهن. جيئن جيئن انساني تهذيب ترقي ڪندي آئي آهي، تيئن برادريءَ جا تصور آزادانه نشونما سان وسعت وٺندا آهن. هن وقت به اهو سوال اهميت وارو آهي ته ”انسان ڇا آهي؟ ۽ ان جو پيءُ ڇا هو؟“. هر معاشري ۾ پيشي اتان زندگيءَ جي ابتدا ڪئي آهي، جيڪا هن جي پيءُ جي انتها هئي، هندستان جون برادريون جن جي وچ ۾ هندو ڌرم نشونما ورتي، اهي پڻ انهي قانون کان جدا ڪونهن، پر اهي ان صورت کي محفوظ رکڻ لاءِ ترقي يافته معاشري تحت پيشي جي موروثي نوعيت جو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ هڪڙي وسيع تر اتحاد ۾ يڪ جاءِ ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ ٻين خون (رت جي) برادري ۽ پيشي جي برادريءَ جي ٻنهي اصولن کي گڏي ڇڏيو، ۽ قومن جي تصور زور ورتو ۽ قومي ڌارا ذاتين يعني گروهن کان وڌي هڪ معاشي سماجي، سياسي، جاگرافيائي، ٻولي ۽ فڪر جي يڪسوئيءَ طور ماڻهن کي گڏ ڪري هڪ ٻئي جي مفادن جي تحفظ جو باور ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي.
ذات جي تبديليءَ وارو عمل پيشي جي تبديليءَ جو عڪس آهي. برهمڻ، کتري، وئش، شودر ۽ اڇوتن ۾ پراڻي ورهاست حقيقت ۾ پنڊت، جنگجو، آبادگار، دستڪار ۽ خدمتگذارن جي ورهاست هئي ۽ آبادگار کي واپاريءَ ۾ بدلائڻ واري نئين پيش رفت آهي، پر تڏهن به انسانن اڃا درجي بنديءَ جي نوعيت کي تبديل نه ڪيو آهي. شروعات ۾ برهمڻ ڪنهن الڳ نسل مان هجڻ جي دعويٰ نٿي ڪري سگھيا، جنهن جي بنياد تي هو آريا سماج ۾ پنهنجو پاڻ کي ممتاز يا بالاتر ڪري سگھن. تنهنڪري انهن سمورن پيشن ۽ زندگيءَ جي حالتن کي ڪمتر ۽ هيٺانهون قرار ڏنو ۽ پنهنجي ڪم ۽ پيشي جي عزت افزائي ڪئي. وقت گذرڻ سان جڏهن برهمڻن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو ۽ سندن تعداد عوام الناس جي گھربل ضرورت کان وڌي ويو ته خود برهمڻن وٽ مقدس علم ۾ مجموعي طور يڪسانيت قائم رکڻ ناممڪن بڻجي وئي، مطلب ته اهي مڪمل طور تي مذهبي رهنما نه رهيا، ته انهن جو هڪڙو وڏو حصو خوشامدي، چاپلوس ۽ خادم قسم جا پنڊت (Levites) بڻجي ويو ۽ پنهنجي وجود ۾ ان اثر جي گھر ڪري وڃڻ واري ڳالهه کي روڪڻ جو واحد طريقو صرف اهو هو ته برهمڻ پوڄا پاٺ ۽ مرڻي پرڻي جي رسمن وارن فرضن کي کڻي خوشامندڙين ۽ چاپلوسي ڪندڙ پنڊتن جي نسل سان گڏ تبديل ڪن يا وري معاشرتي ارتقا جي قدرتي وهڪري کي پنهنجي اختيار ۾ ڪري وٺن. برهمڻن اهو ڪم پيشي جي موروثي نوعيت واري قانون کي مذهبي منظوري ڏئي پورو ڪيو ۽ ائين پابندين سان گڏ امتياز، رسمي فرض، مصنوعي پاڪائي ۽ معاشري ۾ نسل کان پيشي جي علحدگيءَ واري عمل کي تمام آهستگيءَ سان جاري رکيائون ۽ انهيءَ مان ان شيءِ جنم ورتو، جنهن کي اسين سڀ ’ذات‘ چئون ٿا. ائين ڪونهي ته برهمڻن اهڙو اصول ايجاد ڪيو، جنهن کي هنن پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو، پر ائين چئي سگھجي ٿو ته ابتدائي مرحلي مان ترقي ڪري اڳتي وڌڻ وارن سمورن معاشرن ۾ اها ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي آهي ته برهمڻ سماجي ريتن جي نشونما تي ڪو به مڪاريءَ وارو اثر وجھڻ لاءِ متحرڪ نه ٿيا هئا، پر حالتن کين ان غير معمولي اختيار جي انهيءَ سطح تي پهچايو هو يا وري قدرتي طور يا لاشعوري طور انهن جي تعليم اها صورت اختيار ڪئي، جنهن سان کين طاقت ۽ تحفظ مليو.
گذريل ڪجهه هزار سالن کان سنڌ جي معاشي، سماجي ۽ معاشرتي نظام جو بنياد ’ذات‘ تي رکيو ويو. سنڌ جي قديم تاريخ ۽ تمدن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سنڌو نديءَ جو ڪنارو سيوهڻ، منڇُر، نئينگ، آمريءَ جي دڙي، موهن جي دڙي جھڙن شهرن سان آباد هو ۽ اهي شهر ۽ قديم تهذيبون اصل قومن ۽ ذاتين جا مرڪز هئا، جتي سنٿال، ڀيل، ميد، ٽيڪاري، واڻيا، شاڪ، مينا ۽ تابمينا آباد هئا، جن جو ڪم مڇي مارڻ ۽ کيتي (پوک) ڪرڻ هو. انهن قديم باشندن جا هٿيار پٿر جا هئا، جن مان اهو به اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اهو پٿر جي دور جي پڄاڻيءَ ۽ زرعي دور جي ابتدا وارو زمانو هو. ان وقت ۾ اهي انهن پٿرن جي اوزارن سان شڪار ڪندا هئا، ائين چئي سگھجي ٿو ته اهي سمورا باشندا دراوڙ قوم جا ماڻهو هئا، پوءِ اهي دراوڙ، سُميري، پاني، آشور، واهيڪي، ناگا ۽ داس سڏجڻ لڳا. جڏهن ته ڪِن محققن جي راءِ آهي ته سنڌ جا اصل وارث بروهي، ماڇي، ميربحر ۽ جت آهن، جن کي گهڻو اڳ ميد، ماشي (ماڇي) ۽ جاٽ (جَٽ) يا زط پڻ چيو ويندو هو. ميربحر ملاح ۽ مُهاڻا اصل ۾ ميد ئي آهن، جيڪي گهڻو پوءِ ان نالي مان بدلجي لهجاتي فرقن عيوض مهاڻا يا ميربحر ٿيا، ماشي مان ڦري ماڇي ٿيو، ان لاءِ جو انهن جو گذر سفر مڇي مارڻ تي هو. ماڇين کي شڪار ڪرڻ وارا شڪاري به چوندا هئا. جاٽ مان ڦري جت ٿيا، ڇاڪاڻ جو اهي سامان ڍوئيندا هئا.
جيئن سنڌ ۾ جَت کي جَت، جڏهن ته پنجاب ۾ جاٽ، بلوچستان ۽ مڪران ۾ ’جدگال‘ ڪوٺين ٿا. علائقي جي لحاظ کان ڪي جَت بار برداريءَ جو ڪم يعني بار ڍوئڻ جو ڪم ڪن ٿا ته ڪي وري واپاري آهن، ڪي وري اُٺ چارين ۽ پالين ته ڪي وري زراعت جو ڪم ڪن ٿا. جتن جي ذاتين جھڙا مثال ٻين ذاتين لاءِ پڻ ملن ٿا، پراڻين ذاتين مان هڪ ذات راجپوت به آهي، جنهن سان سنڌ جون ذاتيون لاڳاپيل آهن، جنهن مان ٻيون ڪيتريون ئي ذاتون پيدا ٿيون. جيڪڏهن سنڌ ۾ ڏٺو وڃي ته جَت، ميد ۽ راجپوت نسل واريون ذاتيون جيڪڏهن نسلي اعتبار کان نه تڏهن به تمدني اعتبار کان هڪٻئي سان گھڻي ۾ گھڻي هڪجھڙائي رکن ٿيون. سنڌ جون اهي اصلي سنڌي ذاتيون پنهنجي ريتن رسمن، کاڌ خوراڪ، لباس، اٿڻ ويهڻ، شڪل شبيهه، هڏ ڪاٺ، ڌنڌي ڌاڙي، ٻولي، مذهب، معاشرتي، سماجي معاشي ۽ تمدني هڪجھڙائيءَ ڪري ’سماٽ‘ سڏجن ٿيون. اهڙين سماٽ ذاتين مان سنڌ تي سومرن، سمن ۽ ڪلهوڙن پنهنجون حڪومتون به برپا ڪيون. سنڌ ۾ ٻين نسلن، قومن ۽ ذاتين جا ماڻهو به ٻاهران لڏي هتي آباد ٿيندا رهيا آهن، تن کي غير سماٽ سڏيو وڃي ٿو، جيئن خاص طور ٻروچ ذاتيون، پر هاڻي سماٽ ذاتيون ۽ غير سماٽ ذاتيون پاڻ ۾ نسلي ميلاپ ۽ شادين مرادين ڪرڻ ڪري هڪٻئي کي تمام ويجھو اچي ويون آهن.
لاکن، چنن، چانڊين، سهتن ۽ ٻين ذاتين مان انڙن، ماڇين، ڄاموٽن جهڙين سماٽ ذاتين سنڌ ۾ مخصوص ايراضين تي اثر رسوخ قائم رکيو.
سنڌ ۾ ذاتين جا نالا گهڻو تڻو ڌنڌي، پيشي ۽ ڪِرت جي لحاظ به کان پيل آهن، جيئن سنڌ جي مکيه ذاتين مان: ڪوري (ڪپڙو اُڻيندڙ)، مهاڻا (مڇي ماريندڙ)، ڪنڀار (ٺِڪر جا ٿانوَ پچائيندڙ)، سونارا (سون جو ڪم ڪندڙ)، دايا (مٽي ڍوئيندڙ) وغيره ٿي ويا آهن.


لفظ ذاتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو