اعجاز

اِعجازُ: معجزو. حيران ڪندڙ ڪرامت. مثال طور قرآن شريف جو معجزو اهو آهي ته ڪوبه بني بشر يا مخلوق ان جهڙي عبارت ٺاهي نٿو سگهي. اِهو ”اعجاز قرآن“ چئبو. حضرت عيسيٰ مسيح عليہ السلام ڪوڙهه جي مريضن کي چڱو ڀلو ڪندو هو ۽ مڙدا جيئاريندو هو، ائين ٻئي ڪنهن به نه ڪيو، تنهنڪري حضرت عيسيٰ جا اهي عمل ”اعجاز مسيحي“ سڏيا ويا. حضرت موسيٰ عليه السلام جا ٻه معجزا مشهور آهن: هڪڙو لٺ جو نانگ ٿيڻ، ۽ ٻيو ”يد بيضا“ (اڇو هٿ) يعني ڪڇ ۾ هٿ وجهڻ کان پوءِ هٿ جو اڇو ٿيڻ ۽ اُن مان نور ظاهر ٿيڻ.


لفظ اعجازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو