پنو

پنو

پنو

پَنو: پنو هڪ مشهور جواهر آهي، جنهن کي ”زمرد“ چوندا آهن. هن جو شمار اعليٰ قسم جي جواهرن ۾ ٿيندو آهي. هن کي فارسيءَ ۾ “سبزه“ به چوندا آهن. دراصل هي سبز يا زمردي رنگ جو شفاف بيرل آهي. انهيءَ ڪري هن جو مـايــو، بيــريـليــم ۽ الـمـونيـم جــو جـامـع هــونـدو آهـي. نفيس قسم جي هن زمرد جو رنگ سائي رنگ جي مَـکِ جـهـڙو هـونـدو آهي، جنهن ۾ زمردي رنـگ کـان ســواءِ سـونـهــري رنـگ بـه بکندو آهي. زمرد قلمن جي صورت ۾ عيب، داغ يا ڦوٽ واري صورت ۾ ملي ٿو، جڏهن ته بي عيب ۽ خوشنما رنگ جو زمرد ورلي ملندو آهي ۽ نهايت قيمتي هوندو آهي. نازڪ قسم جا زمرد، ڪولمبيا جي کاڻين مان ملندا آهن ۽ ٻيا مصري زمرد آهن، جيڪي ايترا سٺا نه هوندا آهن. جواهرن وانگر زمرد جو استعمال اندازاً چار هزار سال ق.م کان رائج آهي. هن جون آڳاٽيون کاڻيون مصر ۾ ڀونوچ سمنڊ جي ويجهن علائقن ۾ هيون. پر اڄڪلهه هتان سٺا زمرد نٿا ملن. برازيل، ڏکڻ آمريڪا، روس ۽ آسٽريليا ۾ به زمرد لڀندا آهن. ليڪن اهي سٺا ۽ قيمتي زمرد نه آهن. هندستان ۾ فقط راجسٿان صوبي جي اُديپور، جئپور ۽ ڀيلواڙ ضلعن ۾ زمرد ملندا آهن، جيڪي نهايت گهٽ درجي جا آهن. چون ٿا تـه زمرد جو سڀ کان وڏو قلم ’ڊيوڪ آف ڊيون شائر‘وٽ آهي، اهو قلم ٻه انچ ٿلهو، ٻه انچ ڊگهو ۽ نهايت سهڻو آهي.


لفظ پنوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو