شڪارپور شهر جو هڪ ڏيک

شڪارپور شهر جو هڪ ڏيک

گھنٽا گھر شڪارپور

گھنٽا گھر شڪارپور

اوڌوداس تاراچند اسپتال شڪارپور

اوڌوداس تاراچند اسپتال شڪارپور

شڪارپور جي هڪ خوبصورت ماڙي

شڪارپور جي هڪ خوبصورت ماڙي

شڪارپور

شڪارپور: سنڌ جو مشهور ۽ تاريخي شهر شڪارپور تاريخ ۾ انفرادي حيثيت رکي ٿو. تقريباً چار صديون اڳ قائم ٿيل هن شهر بابت ڪيترن محققن مختلف روايتون بيان ڪيون آهن، جن مان اڪثر محقق هن شهر جي بنياد جو سال 1617ع ڄاڻائين ٿا، جنهن جو پهرين انڪشاف ڪندڙ انگريز عملدار ڪئپٽن اليگزينڊر برنس هو، جيڪو لکي ٿو ته: شڪارپور جي اڏجڻ جو سال 1026هه مطابق 1617ع آهي. اليگزينڊر 1828ع ڌاري قنڌار جي رستي بخارا ڏانهن ويندي شڪارپور مان لنگهيو، جتي لکي در جي ٻاهران حاجي فقير الله شاهه علويرحه جي مسجد ۾ هڪ موجود ڪتبي تي نظر پئي، جنهن تي فارسي ۾ لفظ ‘غوڪ’ درج ٿيل هو. (غوڪ معني ڏيڏر) ۽ ابجد جي حساب سان انهن حرفن جو تعداد 1026هه (غ= 1000+و= 6+ڪ= 20) ٿئي ٿو، جنهن سان شڪارپور جي قيام جي تاريخ جي خبر پئي ٿي. ان وقت هن علائقي جا مالڪ دائود پوٽا هئا، دائود پوٽن ۽ مهرن جي وچ ۾ جنگ ٿي، تنهن بعد هي شهر1617ع ڌاري اڏيو. رحيمداد خان مولائي شيدائي ‘تاريخ جنت السنڌ’ جي صفحي 453-454 تي هڪ انگريز مصنف جي. بي. مالسٽن (G.B Malleson) جي ڪتاب (Historical Sketch of The Native States of India Chap: V pp. 347) جي حوالي سان لکيو آهي ته “شهنشاهه جهانگير جي دور ۾ امير بهادر خان، مهرن جي قوم کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ جتوئين کي شڪست ڏئي، لکي جو ڳوٺ تعمير ڪرايو. ‘لکي ۽ خانپور’ وارا جهنگ، دائود پوٽن جا شڪار گاهه هئا، انهن مان بهادر خان دائود پوٽي، سلطان ابراهيم شاهه جي فرمائش تي سن 1026هه/1617ع ۾ نئين بستيءَ جو بنياد رکيو، جنهن جو نالو ‘شڪارپور’ رکيو ويو.” پروفيسر سيد محمد سليم، شڪارپور جي قيام بابت ڪئپٽن برنس جي مٿئين بيان کي مشڪوڪ قرار ڏنو آهي ۽ ان تي اعتراض پڻ ڪيا آهن. پر ضلعي شڪارپور جي هڪ مشهور محقق، عالم، اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر عبدالخالق ‘راز’ سومري، پروفيسر سيد محمد سليم جي اعتراض جي جواب ۾ شڪارپور جي بنياد بابت هڪ ليک لکيو، جيڪو ماهوار نئين زندگيءَ ۾ ٻن قسطن ۾ شايع ٿيو هو. تنهن ۾ ڊاڪٽر راز دليلن سان شڪارپور جي بنياد بابت ڪئپٽن برنس واري بيان کي درست قرار ڏنو آهي.
شڪارپور شهر کي دائود پوٽن چؤگرد ڪچي مٽي جو ڪوٽ/ قلعو ڏياريو، جنهن ۾ لکي در، هزاري در، هاٿي در، خانپور در، سويدر، ڪرن در، واڳڻو در ۽ نوشهرو در موجود آهن، جيڪي انهن نالن پٺيان اڄ به سڏجن ٿا. روايت آهي ته شڪارپور 1617ع کان 1745ع تائين دائود پوٽن جي نيم خودمختيار رياست جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. ‘شڪارپور رياست’ جي حيثيت ان وقت ختم ٿي، جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي دائود پوٽن کي 1745ع ڌاري شڪست ڏئي انهن کي ڪٽنب سوڌو شڪارپور مان نيڪالي ڏئي، ڏورانهين ڏيهه ڪڍيو ۽ شڪارپور کي پنهنجي حڪومت سان ملائي ڇڏيا. تنهن بعد شڪارپور جو شهر 1824ع تائين افغان حڪومت جي قبضي هيٺ رهيو. صوبائي حڪومت جي حيثيت ۾ افغان حڪومت پاران 35 گورنرن حڪومت هلائي، افغان گورنر غلام صديق خان جي نالي پٺيان هڪ دري به تعمير ڪرائي وئي، جيڪا ‘صديق ماڙي’ جي نالي سان اڄ به مشهور آهي. شڪارپور جي صوبائي حيثيت ختم ٿيڻ بعد 1824ع کان 1843ع تائين هي شهر ميرن جي ضابطي ۾ رهيو. ان کانپوءِ 1843ع ڌاري انگريز راڄ جي شروعات ٿي، انگريزن نئين انتظام هيٺ سنڌ سونهاريءَ کي ٽن ضلعن: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ ورهايو. شڪارپور ضلعي ۾ ان وقت هيٺيان 14 تعلقا شامل هئا: شڪارپور، رتوديرو، لاڙڪاڻو، قنبر، نصيرآباد، لب دريا (ڏوڪري)، ميهڙ، ڪڪڙ، سکر، روهڙي، پنو عاقل، گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو ۽ اوٻاوڙو. شڪارپور ضلعي جون چار سب ڊويزن هيون، جن ۾ سکر، روهڙي، لاڙڪاڻي ۽ ميهڙ جا نالا شامل آهن. 1843ع ڌاري شڪارپور ۾ فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي وئي. 1857ع جي جنگ آزاديءَ کانپوءِ 1861ع ڌاري فوجي ڇانوڻيءَ جو بنياد ختم ڪيو ويو. 1843ع ڌاري سول اسپتال جو بنياد پيو. 1909ع ڌاري هيءَ اسپتال سکر منتقل ڪئي وئي. شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو وجود 1855ع ۾ وڌو ويو، بعد ۾ شڪارپور ۽ سکر کي ريل جي سرشتي سان به ملايو ويو. 1857ع ڌاري علاج معالج لاءِ وڪٽوريا ڊسپينسري قائم ٿي ۽ 1920ع ڌاري ان جو نالو لکميچند، ٽيڪچند ڊسپينسري رکيو ويو، جيڪا اڄ تائين قائم آهي. 1893ع ڌاري ليڊي ڊفرن فنڊ (عورتن جي اسپتال) نالي اسپتال قائم ڪئي وئي، جيڪا بعد ۾ 1911ع ڌاري لاڙڪاڻي منتقل ڪئي وئي. ساڳئي سال 1893ع ڌاري جانورن جي علاج لاءِ ڊسپينسري قائم ٿي. انگريزي راڄ جي شروع ۾ شڪارپور ۾ پهريون مڊل اسڪول قائم ٿيو. ان اسڪول کي 1873ع ڌاري هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو، جنهن جو پهريون هيڊماستر مرزا قليچ بيگ جو ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ هو. شڪارپور ۾ پهريون پرائمري اسڪول 1855ع ڌاري قائم ٿيو، جنهن جو نالو ‘ورنيڪيولر اسڪول نمبر ون’ هو، ان اسڪول جو پهريون هيڊماستر آخوند قمر الدين صديقي هو. 1885ع ۾ ورنيڪيولر اسڪول نمبر 2 قائم ڪيو ويو ۽ 1889ع ڌاري پريتم ڌرم سڀا اسڪول قائم ٿيو. 1888ع ۾ شڪارپور ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر سکر منتقل ڪيو ويو ۽ پهرين آگسٽ 1901ع تي شڪارپور جي ضلعي حيثيت ختم ڪري ان کي سب ڊويزن ۽ تعلقه هيڊڪوارٽر جو درجو ڏنو ويو. ان دؤر ۾ شڪارپور ڪافي ترقي ڪئي. 1900ع ڌاري شڪارپور ‘هوپفل اڪيڊمي’ جو بنياد پيو. ‘هندو سنڌي اسڪول نمبر 3’ جو 1904ع ڌاري بنياد پيو. 1908ع ڌاري مينڊا ٽرسٽ پاران شهر ۾ عورتن جي اسپتال ‘گنگاٻائي هيرانند’ ۽ اکين جي اسپتال قائم ڪئي وئي، جنهن کي 1910ع ڌاري سر هينري هالينڊ پنهنجي نالي پٺيان مشهور ڪيو. شڪارپور ۾ زناني تعليم جا به جوڳا بندوبست هئا. 1919ع ڌاري ٽريننگ اسڪول ۽ 1932ع ڌاري نيو ايرا هاءِ اسڪول قائم ٿيو. 1932ع ڌاري اؤڌو داس تاراچند ڇاٻڙيا، موجوده سول اسپتال جو بنياد وڌو، جيڪا 1935ع ۾ ٺهي راس ٿي. هن عظيم ڪارنامي سرانجام ڏيڻ تي انگريز سرڪار پاران کيس 1935ع ۾ ‘راءِ بهادر’ جو خطاب مليو. 1935ع ڌاري انڊر گرائونڊ ڊرينيج سسٽم متعارف ڪرايو ويو. ساڳئي سال سيٺ ڪنيالال بجاج، لکي در ٽاور جوڙائي ميونسپل جي حوالي ڪيو. آگسٽ 1924ع ڌاري پروفيسر شيوارام، ڀرسنگهه داس ۽ مرلي ڌر وڪيل جي ڪوششن سان بجلي گهر ۽ برف جو ڪارخانو قائم ٿيا. ‘سي اينڊ ايس ڪاليج’ جو بنياد 1933ع ڌاري رکيو ويو. شڪارپور ۾ پهريون پبلشر پوڪرداس ٿانورداس، جنهن جو ‘تاجر ڪتب’ جي نالي سان ڪتاب گهر هو ۽ ‘سنڌ پرنٽنگ پريس’ جي نالي سان ڇاپخانو هو، جيڪو ڪافي مشهور ٿيو.
پهرين آگسٽ 1901ع کان 30 جون 1977ع تائين شڪارپور، تعلقي هيڊڪوارٽر ۽ سب ڊويزن جي حيثيت سان برقرار رهيو. ورهاڱي کانپوءِ نئين انتظام هيٺ پهرين جولاءِ 1977ع تي نئون ضلعو ٺاهيو ويو جنهن ۾ ٽي تعلقا شڪارپور، خانپور ۽ ڳڙهي ياسين شامل ڪيا ويا جنهن بعد 30 جنوري 1979ع ڌاري ‘لکي’ کي تعلقي جو درجو ڏئي، شڪارپور ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. ان ريت شڪارپور کي ضلعي جو درجو ملي ويو. شڪارپور ماضيءَ ۾ وڏي اوج تي رسيل هو. اهو ئي سبب آهي، جو کيس ‘سنڌ جو پيرس’ سڏيو ويندو آهي. جنهن دور ۾ هوائي جهاز يا ريلوي نظام ڪونه هو، انهيءَ وقت شڪارپور ۾ واپار خشڪيءَ ذريعي هلندو هو. واپاري قافلا آسانيءَ سان بولان لڪ کان ٿيندي قنڌار، وچ ايشيا ۽ روس تائين وڃِ سگهندا هئا، ۽ ٻئي طرف اهي واپاري قافلا سنڌو نديءَ وسيلي ديبل تائين ويندا هئا، جتان ڪيترن سامونڊي شهرن ۽ بندرن ڏانهن روانا ٿيندا هئا، اهڙيءَ طرح شڪارپور جو واپار انهن وسيلن ذريعي هندستان توڙي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن سان به هلندو هو. جنهن وقت بئنڪ جو ڪو تصور به ڪونه هو، ان دور ۾ شڪارپور ۾ بئنڪ کولي وئي هئي، جنهن کي ‘هنڊي’ چيو ويندو هو. اها برصغير ۾ پهرين بئنڪ هئي، جيڪا شڪارپورين کولي. ان حوالي سان نامور سياح ٽي پوسٽنٽس پنهنجي ڪتاب Personal Observations in Sind ۾ لکي ٿو ته، “سنڌ جي وڏي ۾ وڏي منڊي، جيڪا وچ ايشيا خواهه ٻين ملڪن ۾ پنهنجي بئنڪاري جي نسبت سان سنڌ کان به ٻاهر وڏي شهرت رکندڙ شهر شڪارپو آهي. پوپٽي هيراننداڻي پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي ڪالهه ۽ اڄ’ ۾ لکي ٿي ته، “شڪارپور جي هنڊيءَ کي وڏي اهميت هئي. لکن جو واپار صرف نالي وٺڻ يا چٺي لکڻ سان ٿي سگهندو هو. شڪارپوري سيٺيون مڊل ايسٽ وارن ملڪن ۾ نالي سان سڃاتا ويندا هئا. سڀ ڪم زبان جي سڃاڻپ ۽ اعتبار سان هلندو هو. ڪي چوندا آهن ته دنيا جا پهريان بئنڪرس شڪارپوري ئي هئا، جن بئنڪنگ سسٽم شروع ڪيو.” هن وقت شڪارپور کي ضلعي جي حيثيت حاصل آهي. هتان جو آچار، ڀڳڙا ۽ مٺائي مشهور آهي. ڪنهن دور ۾ شڪارپور هڪ پرڳڻو هو. هن شهر ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا. هي شهر مختلف حڪمرانن ۽ حملي آورن جي تسلط هيٺ رهيو. شڪارپور ضلعي جا جيڪي تاريخي ڳوٺ ۽ شهر آهن، تن ۾ مدئجي، سلطان ڪوٽ، چڪ، ڊکڻ، همايون، ميان صاحب، انباهه شريف، ڪرن شريف، امروٽ شريف، ترائي، ماڙي، نبي شاهه وڳڻ، ڳوٺ ٻڍل فقير، جرار پهوڙ، سومراڻي شريف، رستم، رڪ، جاڳڻ ۽ جهان خان وغيره. شڪارپور ۾ ڪيئي بزرگ ۽ اولياءَ ٿي گذريا آهن، انهن ۾ حاجي فقيرالله شاهه علوي، حاجي لطيف شاهه، سلطان ابراهيم شاهه، سيد تاج محمود شاهه امروٽي، سيد خليفه احمد الدين ڪيهر، مولانا عبدالغفور مفتون همايوني، ٻڍل فقير ۽ نظام الدين شاهه امروٽي وغيره. شڪارپور جون اهم شخصيتون: شڪارپور ضلعي سان لاڳاپيل مشهور شخصيتن ۾ شهيد الله بخش سومرو، سر غلام حسين هدايت الله، آغا غلام نبي پٺاڻ، بيگم صغريٰ هدايت الله، خان بهادر حاجي مولابخش سومرو، خان سڌايو'>خانبهادر احمد خان سڌايو، آغا بدر عالم دراني، آغا صدرالدين دراني، خانبهادر محمد پناهه ڊکڻ، سيد محمد شاهه امروٽي، مولانا عبدالله چانڊيو، ميجر عطا محمد دراني، آغا طارق خان پٺاڻ، مولانا محمد عالم پهوڙ، مولانا غلام قادر پنهوار، مير نادر خان ڪماريو، مير الطاف خان ڀيو، رحيم بخش سومرو، جنيد احمد سومرو، الاهي بخش سومرو، محمد ابراهيم جتوئي، مير عابد حسين جتوئي، غوث بخش خان مهر، امتياز شيخ، مقبول احمد شيخ، غلام حيدر مهر، خان پٺاڻ'>آغا تيمور خان پٺاڻ، آفتاب شعبان ميراڻي، آغا سراج دراني ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا. هن شهر ابتدائي طور جيڪي ڊاڪٽر پيدا ڪيا، انهن ۾ ٻه عورتون: ڊاڪٽر ساره صديقي ۽ سرلا ديوي جو نالو، ان ڪري اهميت رکي ٿو ته اهي ٻه سنڌي نياڻيون سڀ کان اول ايم. بي. بي. ايس ڊگريون حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سرخرو ٿيون.سرلا ديوي جي آتم ڪٿا ”جينامڙي جي ڊائري“ مشهور سوانحي ڪتاب آهي. شڪارپور علم ۽ ادب ۾ پڻ وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، اهڙن اديبن، عالمن ۽ شاعرن ۾ جيڪي نمايان شخصيتون آهن، جن ۾ سامي (ڀائي چئنراءِ)، مفتون همايوني، کيئلداس فاني، شيخ اياز، امام بخش خادم، لطف الله بدوي، بادام ناتوان، احسان بدوي، ثميره زرين، رشيده حجاب، نياز همايوني، آغا سليم، محمد حنيف صديقي، نثار بزمي، قيوم طراز، دين محمد وفائي، عبدالڪريم چشتي، جھامنداس ڀاٽيا، پروفيسر شيوارام، روشن آرا مغل، نور الدين سرڪي، نعيم دريشاڻي، مير علي نواز علوي، گوبند پنجابي، محمد عارف اعواڻ، رحمت الله شوق، حافظ سنڌي، نماڻو فقير (هاسي ٻائيآغا غلام نبي صوفي، غلام علي مسرور، تاج صحرائي، احسان بدوي، سرڪش سنڌي، زخمي چانڊيو، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، بيدل مسرور، عثمان علي انصاري، مولانا عبدالڪريم چشتي، انور فگار هڪڙو، خليل مورياڻي، سيد عابد ڪاظمي، اعجاز منگي، ممتاز منگي، مشتاق بخاري، سجاد مهر، سيد سراج، مونس اياز، محمد حنيف صديقي، گوبند پنجابي، عبدالحميد چانڊيو، بهاري لال ڇاٻڙيا، آدرش، ضيا شاهه، انور شيخ، همير چانڊيو، عديل مهر، نسيم بخاري، زبير سومرو، انور سومرو وغيره. مشهور فنڪارن ۾ شمن ميرالي، رحمت علي، بيدل مسرور، مجيد سيال، استاد منظور علي خان، امام الدين ڊکڻ شامل آهن. شڪارپور جي حنيف صديقي وارين صديقين مان ڪيترين ئي عورتن نالو ڪڍيو. آپا رضيه بلوچ (تعليمدان)، آپا فريده صديقي (سياست ۾)، رعنا صديقي (افسانه نگار)، شمس صديقي قابل ذڪر آهن. شڪارپور ۾ ڪيتريون ئي تاريخي جايون آهن، جن ۾ راءِ بهادر اوڌو داس، تاراچند اسپتال، گھنٽا گھر، شاهي باغ ۾ ٺهيل ڪاٺ جي عمارت ميري ويڌر پويلين، شاهه فقير الله علويءَ جو مقبرو، حاجي لطيف شاهه جي مزار ۽ مسجد، سيد نور محمد شاهه بخاريءَ جي مزار، جامع مسجد لکيدر، گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر ون، گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر ٽو، چيلاسنگھه ۽ سيتلداس ڪاليج، شڪارپور هوٽل، ميمڻ منزل، نارائڻ داس بلڊنگ، جماڻي هال شڪارپور، سماڌ آشرم، شنڪر ڀارتي مندر، شري کٽ واري ڌرم شالا، سينٽرل بئنڪ آف انڊيا واري عمارت اچي وڃن ٿا. شڪارپور جا جيڪي مشهور ۽ خاص محله آهن، تن ۾ ڪڙي عطا محمد خان، نواب خان، صدر، لکيدر، هزاريدر، هاٿيدر، سيويدر، واڳڻو در، ڪرن در، خانچند آباد، مسند پور، ڀنڀرا محلا، ڪنڀر محلا، مست علي شاهه محلو، ميراڻي محلو، سومرا محلو، قلعو قافلو محلو، کٽڪو ماهو، شيدڪي کوهي، مفتي دالو، منگي محلو، پنج پير محلو، اسٽور گنج، هڪڙا محلو، ڀٽي محلو، ڀرڳڙي بازار، ڍڪ بازار، بوٽ بازار، صديقي محلو، مگسي محلو، ڪوٽ اختر محمد شيخ محلو، ڀٽا محلو، نئين شڪارپور، انڙ ڪالوني، حق باهو محلو، نبي شاهه محلو، نور شاهه محلو، ڀنڀو شاهه محلو، ڪاري نهائين محلو وغيره شامل آهن. شڪارپور ضلعي ۾ هن وقت سومرا، شيخ، ميمڻ، پٺاڻ، ڀٽا، ويسر، چغدا، جتوئي، بروهي، مهر، ابڙا، دايا، منگي، مڱڻهار، سومراڻي، شر، پهوڙ، سنجراڻي، نصيراڻي، لاشاري، صديقي، مگسي، کوسا، چوهاڻ، جت، جکاءَ، جمالي، سيد، ٻرڙا، کوهارا، نوناري، جکرا، پنهوار، ڪلادي، ڪلهوڙا، ملڪ، دائودپوٽا، عباسي، سڌايا، ناپر، ٽانوري، ڀٽي، جماڻي، ڪاغذي، ڌوڙڌويا، موچي، ڪلر، ڪمانگر، هڪڙا، چانڊيا، چاچڙ، ملاڻا، مغل، چنا، ڏهر، کوکر، بکراڻي، بنگلاڻي، گڏاڻي، آرائين، خواجا، دل، جوڻيجا، اڄڻ، بڪيجا، ڪيهر، لوهار، لهر، ڊيها، ماڪا، ڪلوڙ، ڪرٽيه، پيراڻي ۽ ٻين ذاتين وارا رهن ٿا.


لفظ شڪارپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو