آغا

آغا: ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي آقا يا سائين، ڌڻي، مالڪ، سردار يا وڏو ڀاءُ . عام طور آغا وڏي ڀاءُ لاءِ ڪتب ايندو آهي. هي عام طرح لقب طور ڪم ايندو آهي. سنڌ جون ڪي پٺاڻ ذاتيون پڻ آغا سڏائينديون آهن. ڪيتريون نامور شخصيتون آغا جي نالي سان مشهور آهن، جهڙوڪ: آغا تاج محمد، آغا بدرالدين دراني، آغا سليم وغيره. حيدرآباد جي ٽنڊن مان هڪ کي ”ٽنڊو آغا“ سڏيندا آهن.


لفظ آغاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو