جماڻي

جماڻي (ذات ):جماڻي ڪيترين ئي ذاتين جا پاڙا آهن، جهڙوڪ: نوحاڻين، جوکين، ٻٻرن، داين، لاشارين، ڏهرن ۽ سماٽي ميمڻ وغيره. چاچڙن جي جڳند شاخ، ٻرڙن ۽ وڳڻن جي ذاتين ۾ پڻ جماڻي پاڙوآهي. سهتن ۽ جتن سميت ڪرمتي جتن جي شاخ رباڻي ۽ شولاڻي شاخن ۾ پڻ جماڻي آهن. هنن جو سردار لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ويٺل (جيڪي جماڻي آهن) سردار خليل احمد وڳڻ (جماڻي) آهي. جماڻي ذات وارا ڊومڪين ۽ چنن جي ذات مان نڪتل هڪ پاڙو به آهي، جن جو سردار هيسب خان بن امام بخش خان جماڻي کوسو، سکر جي ننڍڙي ڳوٺ جاٿرا ۾ رهندو هو. ان جي نسبت سان کوسن جو هڪ پاڙو پڻ جماڻي سڏبو آهي. ٺٽي ضلعي ۾ پڻ وڏي تعداد ۾ جماڻي ذات وارا آباد آهن جيڪي وري ملاح آهن. جماڻي نک شايد انهن ذاتين جي ڪنهن وڏي جمعي خان جي ڪري سڏجي ٿي .


لفظ جماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


ذات - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جماڻي
ٻٽوڙ
پتوجا
ذات ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون