صديقي

صديقي (ذات): هي پهرئين خليفي حضرت ابوبڪر صديق ﷦جو اولاد آهن، جن مان ڪيترائي محمد بن قاسم سان گڏ ۽ ان کانسواءِ مختلف دورن ۾ سنڌ ۾ هجرت ڪري آيا ۽ سڄي ننڍي کنڊ ۾ پکڙجي ويا، خاص طور سيوهڻ، هالا ۽ پاٽ ۾ سڪونت پذير ٿيا. هندستان جي ورهاڱي بعد گهڻا صديقي سنڌ ۾ اچي ويٺا. ان سبب انهن جو اولاد سڄي سنڌ ۾وڌيو ۽ پکڙيو، جن پاڻ کي حضرت ابو بڪر صديق ﷦ جي نسب سان ‘صديقي’ ۽ ‘بڪري’ سڏرايو. مخدوم نوح سرور جو خاندان به حضرت ابوبڪر رضه جي پُريءَ مان آهي. صديقي خاندان صدين کان وٺي سنڌ جي مختلف علائقن مثلاً: هالا، پاٽ، بدين ۽ سيوهڻ شهر ۾ آباد آهي. سنڌ، هند ۽ پنجاب جي صديقي بزرگن جون هيٺيون گاديون مشهور آهن.
خواجه محمد سليمان تونسوي صديقي (تونسه شريف)، مخدوم محمد زمان لنواري شريف (بدين)، مخدوم نوح هالائي (هالا)، ڪوٽڙي ڪبير وارا صديقي بزرگ، سيوهڻ شريف جا صديقي بزرگ، پاٽ شريف جا صديقي بزرگ ۽ برهانپور ۾ هندستان ۾ ڪيترن ئي عالمن ۽ بزرگن جون مزارون آهن، جيڪي اصل پاٽ، بوبڪن هالن ۽ سيوهڻ جا صديقي آهن. مٿن وڏيون مزارون ۽ روضا ٺهيل آهن.


لفظ صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو