سيوهڻ شهر

سيوهڻ شهر

سيوهڻ  ۾ ڪاٺ جي ڍانچي واري هڪ آڳاٽي عمارت

سيوهڻ ۾ ڪاٺ جي ڍانچي واري هڪ آڳاٽي عمارت

بودلي بهار جي ڪافي

بودلي بهار جي ڪافي

ڀوري بادل شير جي ڪافي

ڀوري بادل شير جي ڪافي

پٺاڻ جي ڪافي

پٺاڻ جي ڪافي

سيوهڻ

سيوهڻ: سيوهڻ شهر سنڌ جي وچولي حصي ۾ سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ تي آباد آهي، جيڪو سنڌونديءَ جو ڏنل تحفو آهي. بيهڪ جي لحاظ کان سيوهڻ 26.26 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67.50 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هي ڪراچيءَ کان اتر، اوڀر ۾ اٽڪل 180 ميلن ۽ دادوءَ کان اولهه ڏکڻ ۾ اٽڪل 30 ميلن جي مفاصلي تي ضلعي ڄام شوري ۾ واقع آهي. هيءُ شهر هن وقت خشڪي، ريل، درياهي ۽ هوائي رستي سان ملڪ جي مکيه شهرن سان ڳنڍيل آهي. شهر جي اوڀر ۾ سنڌو درياهه، اتر اولهه ۾ اڙل واهه، اولهه ڏکڻ ۾ منڇر ڍنڍ ۽ ڏکڻ ۾ ڀڳو ٽوڙو (ٺوڙهو) جبل، لڪي ۽ نيرون جبلن جون قطارون آهن، اٽڪل اڌ ميل جي مفاصلي تي اتر اوڀر ۾ سنڌو درياهه وهي ٿو. شهر جي وچ ۾ حضرت لال شهباز قلندر جو عاليشان مقبرو آهي. شهر جي ڀر ۾ اتر طرف پراڻو قلعو، ڏکڻ ۾ چوٿنڀي، اوڀر ۾ لال باغ، شهر ۾ چوطرف اوليائن بزرگن، عاشقن، الله وارن، صوفين، عالمن درويشن، مجذوبن ۽ فقيرن جون آخري آرامگاهون آهن. سيوهڻ جي مٽيءَ ۾ لعل شهباز جهڙا قلندر، بودلي بهار جهڙا سڪندر، ڇٽي عمراڻي جهڙا جُنگ جوان، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي- نعمان ثاني جهڙا فقيھ ۽ ڪامل مدفون آهن. شهر ۾ ڪيتريون ئي مسجدون، درسگاهون، تجارتي ۽ هنري مرڪز موجود آهن. هن وقت شهر جي پکيڙ چئن چورس ڪلوميٽرن ۾ آهي ۽ اُن ۾ اندازً ٽي لک ماڻهو رهن ٿا، پراڻي وقت ۾ سيوهڻ شهر ڪيترن بادشاهن جو صدين تائين صدر مقام، تختگاهه ۽ سنڌ حڪومت جو پرڳڻو رهيو آهي، جنهن ڪري ٻاهرين فاتحن، حاڪمن، شهنشاهن ۽ بادشاهن سيوهڻ تي قابض ٿيڻ لاءِ چڙهايون ۽ حملا ڪيا ۽ ان کي پنهنجي هٿ هيٺ آندو. هتان جي قلعي کي ڪيترائي ڀيرا ڊاٺو ويو، ٺاهيو ويو ۽ مرمت ڪئي وئي، قلعي جي آسپاس ڳوٺن ۽ آبادين ۽ فصلن کي ڪافي ڀيرا ناس ڪيو ويو. جبل، منڇر ڍنڍ، درياهه ۽ پراڻي قلعي، هن شهر جو هر وقت قدرتي دفاع پئي ڪيو آهي، جنهنڪري هن شهر کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪي حملي آور ڪامياب ٿيا ته ڪي ناڪام رهيا. سيوهڻ جي فوجي اهميت ڪري اسلام کان اڳ سڪندراعظم سيوهڻ جو قلعو فتح ڪيو هو ۽ ان جي مرمت ڪرائي هئي، مُحمد بن قاسم جڏهن ديبل فتح ڪيو ته ان جو توجهه هڪدم سيوهڻ فتح ڪرڻ طرف ڇڪيو. سومرن لاڙکي وسايو ته سمن وري سيوهڻ کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو. جلال الدين خوارزم شاهه جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن به هن پهريائين سيوهڻ تي اچي قبضو ڪيو. ٺٽي فتح ڪرڻ کان اڳ شاهه بيگ ارغون سيوهڻ ۽ بکر جا قلعا فتح ڪيا هئا. معزول شهنشاهه همايون به هن قلعي کي هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجي فوج مارائي هئي. عبدالرحيم خان خانان سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ سيوهڻ جو رخ رکيو هو. دارا شڪوه کي جڏهن اورنگزيب عالمگير (ڀاءٌ) جي ڇاڙتن مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن سيوهڻ ۾ پنهنجي زال نادره بيگم سميت پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. مغلن جي آخري ڏينهن ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي سيوهڻ بجاءِ دادوءَ جي ڀرسان خداآباد شهر اڏائي ان کي صدر مقام مقرر ڪيو ته سيوهڻ جي اهميت گهٽجڻ لڳي.
سيوهڻ جا مشائخ: سنڌ جي ٻين شهرن وانگر سيوهڻ ۾ به اوليائن ۽ مشائخن اچي تبليغ ڪئي ۽ حق جي تلقين ڪيائون. سڀ کان پهرين اسان کي عباسي گورنرن جي دور ۾ ڇٽو امراڻي ۽ سيد علي مڪي جا نالا ملن ٿا.
سومرن جي دور ۾ مشائخن ۽ عالمن ۾ حضرت قلندر لعل شهباز، سيد علي مست، شيخ علي بغدادي، مخدوم علي سيوستاني، سيد عبدالله ابدال، سڪندر بودلو بهار، سيد مير ڪلان، سيد ڀورا بادل شير، سيد صلاح الدين شاهه، سيد جتي ستي'>ابراهيم شاهه جتي ستي، شاهه گودڙيو ۽ سيد جمن شاهه جتي ستي جا نالا ملن ٿا.
ارغونن جي دور حڪومت ۾ هتان جي مشائخن ۾ سيد حيدر شاهه سنائي،ساهڙ لنجار'> مخدوم ساهڙ لنجار، مخدوم عبدالڪريم عرف ميران محمد بوبڪائي، مخدوم محمد جعفر بوبڪائي، ملا ابوالفتح فتحي، حيدر هروي، عبدالعزيز محدث ابهري، سيد مير علي صغير، قاضي ڏتو سيوهاڻي، شيخ ٽوپڻ، قاضي ادريس سيوستاني، قاضي عبداللطيف، قاضي قاضن، قاضي نصرالله سيوستان، شيخ موسيٰ بوبڪائي، قاضي عبدالله درٻيلوي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.
ترخان دور ۾ حڪيم محمد عثمان بوبڪائي، مخدوم عباسي هنڱورجائي، شيخ قاضي مبارڪ پاٽائي، عضنفر بيگ، رستم بيگ ۽ قاضي ابراهيم جهڙا نامور بزرگ ملن ٿا.
مغل گورنرن جي دور ۾ سيوهڻ جون نامور شخصيتون:
شيخ ابوالفيض فيضي: هي شيخ مبارڪ بن شيخ خضر جو وڏو پٽ هو. شيخ مبارڪ اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو، پر پنهنجي علمي لياقت سبب کيس آگري سڏايو ويو، جتي پنجاهه سال رهيو ۽ اتي ئي 954هه/ 1544ع ۾ فيضيءَ کي پٽ ڄائو. اڪبر جي درٻار تائين ابو الفيض پنهنجي علمي قابليت سبب رسيو ۽ ’ملڪ الشعراءِ‘ جو خطاب مليس. هن ڪيترا ڪتاب لکيا، پر سڀ کان مشهور ۽ لاجواب ڪتاب ’سواطع الهام‘ قرآن پاڪ جو بي نقط تفسير آهي. اڪبر بادشاهه جي نو رتنن مان هڪ هو ۽ هن 1004هه/ 1595ع ۾ وفات ڪئي.
علامه شيخ ابو الفضل: علامه ابوالفضل آگري ۾ 958هه/ 1548ع ۾ ڄائو. هي به پنهنجي ڀاءُ فيضيءَ وانگر وڏو عالم هو. هي اڪبر جي درٻار ۾ پهرين هڪ هزاري منصب، پوءِ ٻه هزاري منصب ۽ آخر ۾ اڪبر سندس علمي قابليت کي مدنظر رکندي کيس ’مير منشي ممالڪ ڪل هندستان‘ مقرر ڪيو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان ’آئين اڪبري‘ ۽ ’اڪبر نامه‘ گهڻو مشهور ٿيا. ابو الفضل کي شهزادي جهانگير سازش ڪري 1011هه/ 1602ع ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو.
انهن کان سواءِ مغل گورنرن جي دور ۾ شيخ خضر، شيخ مبارڪ سيوستاني، سيد عبداللطيف بخاري، شيخ يوسف پاٽائي، اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي، ملا محب علي سنڌي، مخدوم جهان سنڌي، مير عبدالله سلطان سبزواري، شيخ موسيٰ سيوستاني، شيخ خضر سيوستاني، قاضي سائين ڏنو، ميان مير سيوستاني، بيبي جمال خاتون سيوستاني، شيخ عبدالعزيز، مفتي عبدالواحد ڪبير، شيخ الاسلام مخدوم محمد مراد انصاري، مخدوم حامد بوبڪائي، فقير عبدالرحيم عارب ڪاشيگر، مير حيدر شاهه، محمد انس سيوستاني، مخدوم عبدالحليم سيوستاني، سيد حسن شاهه بخاري،شيخ محمد مريد سيوهاڻي'> شيخ محمد مريد سيوهاڻي، شيخ محمد محفوظ سيوستاني، درويش ابراهيم، درويش يحيٰ، وجيهه الدين سيوستاني ۽ شيخ ابوبڪر سيوستاني جهڙا جيد عالم ۽ مشائخ ملن ٿا.
ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي، مخدوم عبدالواحد صديقي، مخدوم حسن سيوستاني قاري، مخدوم محمد مراد صديقي، مخدوم محمد صالح صوفي، مخدوم محمد مجذوب، نور محمد سيوستاني ۽ ملا محمد سيوهاڻي ملن ٿا.
پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين سيوهڻ تعلقي جي مشهور بزرگ، عالم، مشاهير، قلم ڪار، اديب، شاعر، سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۾ سيد گل محمد شاهه لڪياري، سيد موٽيل شاهه سبزواري، پير الاهي بخش، حاجي عبدالرحمان ميمڻ، حافظ قاري مخدوم غلام عمر، حاجي پير بخش شاهه، الحاج مولوي فيض محمد سندو، صالح محمد شاهه نئينگ وارو، سيد جيئندل شاهه لڪياري، حاجي حبيب شاهه، جي. ايم. سيد، سيد محمد عالم شاهه شيرازي، الحاج مولوي عبدالباقي چند، الحاج مولوي محمد علي سندو، حڪيم محمد يعقوب ڪوريجو، حڪيم ثناءُ الله ترڪ، فقير غلام حسين سيلاني، علي محمد ساغر سيوهاڻي، در محمد قريشي بوبڪائي، سيد فيروز حسين شاهه ’ثاثير‘ سيوهاڻي، سيد فيروز حسين شاهه ظفر سيوهاڻي، سيد مظهر لڪياري، پروفيسر محبوب علي چنا، حاجي گل محمد کوسو، حاجي محمد قريشي، فقير حسين بخش ’خادم‘ سروري، شهباز علي ’ملازم‘ سروري، مخدوم محمد مراد صديقي، سيد صادق علي شاهه سبزواري، سيد عزت علي شاهه سبزواري، مخدوم عبدالرحمٰن عباسي، احمد علي قريشي، دادن فقير سولنگي، غلام نبي ’ناز‘ ڀٽي، حاجي عالم چنو، ڊاڪٽر خان محمد پنهور، تاج صحرائي، سيد عبدالله شاهه (سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير)، مظهرالحق صديقي، حاجي غلام حيدر سولنگي، مصطفيٰ قريشي، پروفيسر فتح الله صديقي، حاجي خان پنهور ۽ نظير حيات سيوهاڻي.
سيوهڻ مان لڌل سڪا: سيوهڻ راڄڌانيءَ ۾ وقت جي حاڪم جو سڪو رائج هو. ڪوٽ جي کوٽائيءَ مان اهڙا سڪا مليا آهن:
سلطان شهاب الدين محمد بن سام غوريءَ جي سڪن تي عربيءَ ۾ عبارت لکيل آهي. سڪا ٽامي جا آهن. سڪن جي هڪ طرف ’ابو المظفر محمد بن سام‘ ۽ ٻئي طرف ’السلطان المعظم معزالدنيا والدين‘ لکيل آهي. ناصرالدين قباچه جي نالي سان هڪ ننڍڙو ٽامي جو سڪو مليو آهي جنهن جي هڪ طرف لکيل آهي: ’جه (قباچه)‘، سڪي جي ٻئي طرف گول دائري ۾ ’صر (ناصرالدين)‘ لکيل آهي.
سيوهڻ مان علاوالدين مسعود شاهه جو جاري ڪيل ٽامي جو به هڪ سڪو لڌو آهي، جنهن جي هڪ طرف ڍڳي جي تصوير جي مٿان هنديءَ ۾ ’علاوالدين‘ لکيل آهي. ٻئي طرف گهوڙي سوار جي سامهون ’شري هميره‘ لکيل آهي.
ناصرالدين محمود جو پڻ ٽامي جو سڪو مليو آهي، ان جي چوڪنڊي ۾ ’السلطان الاعظم ناصرالدنيا والدين‘ لکيل آهي. ٻئي طرف گهوڙي سوار جي مٿان عربيءَ ۾ محمود ۽ سامهون هنديءَ ۾ ’شري هميره‘ لکيل آهي.
غياث الدين بلبن جا دهليءَ کان جاري ڪيل ٽامي جا ٻه سڪا به مليا آهن:
(1) هڪ سڪي جي هڪ طرف لکيل آهي ’السلطان الاعظم غياث الدنيا والدين‘ ۽ ٻئي پاسي گول دائري ۾ ’بلبن‘ ۽ ان جي چوڌاري هنديءَ ۾ ’شري سلطان غياث الدين‘ لکيل آهي.
(2) هن سڪي تي هڪ طرف ’السلطان الاعظام‘ لکيل آهي ۽ ٻئي طرف ’غياث الدنيا والدين‘ لکيل آهي.
معزالدين ڪيقباد جو جاري ڪيل سڪو به سيوهڻ مان هٿ آيو آهي. اهو سڪو ٽامي جو آهي. ان جي هڪ طرف ’السلطان الاعظم‘ ۽ ٻئي طرف ’معزالدين والدين‘ لکيل آهي.
سيوهڻ جون ڪافيون: ڪافي ان درگاهه يا هنڌ کي چيو ويندو آهي، جتي ڪنهن بزرگ پنهنجي مخصوص مڪتب فڪر جا اهڙا ته پوئلڳ ڇڏيا هجن، جيڪي اڄ تائين انهيءَ بزرگ جي نالي تي ان جي مزار يا ان سان منسوب هنڌ تي هڪ جماعت جي صورت ۾ رهندا هجن ۽ انهيءَ بزرگ جي حوالي سان پنهنجي سڃاڻپ رکندا آهن. سيوهڻ ۾ اهي سموريون ڪافيون قلندري فقرائن جي رهاشگاهون آهن، اهي ڪافيون هي آهن:
ابدال (دونهين واري ڪافي): هن ڪافيءَ ۾ عبدالله شاهه ابدال ۽ ٻين ابدالي سرگروهن جون تربتون آهن، عبدالله شاهه ابدال قلندر لعل شهباز سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو ۽ انهيءَ هن ڪافيءَ جو بنياد وڌو هو. هيءَ ڪافي، قلندر جي درگاهه جي ڏکڻ ۾ آهي. هتي لعل شهباز جي دونهين آهي، جنهنڪري هي ’دونهينءَ واري ڪافي‘ پڻ سڏجي ٿي. هن ڪافيءَ جو سرگروه فقير شير ابدال آهي.
اولادي امير/ شاهه صلاح الدين جي ڪافي: شاهه صلاح الدين دراصل لڪياري ساداتن جو پيشوا هو، جيڪو شاهه صدرالدين لڪياريءَ جي حڪم تي قلندر لعل شهباز سان گڏ لڪيءَ کان سيوهڻ آيو هو. شاهه صلاح الدين جنهن جاءِ تي پنهنجو آستانو قائم ڪيو، ان کي ’شاهه صلاح الدين يا اولادي امير‘ جي ڪافي چون ٿا. لعل شهباز جي رحلت کانپوءِ شاهه صلاح الدين، ڏاڏي ابراهيم جتي ستيءَ جو طالب ٿيو. هن ڪافيءَ سان ست ڪافيون منسلڪ آهن ۽ اهي سڀئي سيد محمد مراد شاهه لڪياريءَ جي سرپرستيءَ ۾ آهن.
جمن جتي ستيءَ جي ڪافي: هي ڪافي اڙل جي ڪپ تي آهي ۽ اها اولادي امير ڪافيءَ سان منسلڪ آهي.
گلاب شاهه جي ڪافي: هيءَ ڪافي قلندر لعل شهباز جي درگاهه جي آمهون سامهون آهي ۽ هي به اولادي امير واري ڪافيءَ سان منسلڪ آهي.
مير حيدر بگاشير جي ڪافي: هن ڪافيءَ جو سرگروهه فقير محرم شاهه آهي ۽ هيءَ به اولادي امير ڪافيءَ سان منسلڪ آهي.
بودلي بهار جي ڪافي: بودلي سڪندر بهار جي ڪافي قلعي جي مکيه دروازي وٽ لعل شهاز قلندر جي اتر اولهه ۾ قلعي جي ويجهو آهي. هي ڪافي اولادي امير واري ڪافيءَ سان منسلڪ آهي.
نهال شاهه نوريءَ جي ڪافي: هيءَ ڪافي اولادي امير واري ڪافيءَ سان منسلڪ آهي.
ابراهيم جتي ستيءَ جي ڪافي: هيءَ ڪافي قلندر لعل شهباز جي درگاهه جي اتر پاسي آهي ۽ هيءَ به اولادي امير واري ڪافيءَ سان منسلڪ آهي.
سبزواري ڪافي: هيءَ ڪافي درگاهه جي آسپاس ۾ آهي ۽ اها به اولادي امير واري ڪافيءَ سان منسلڪ آهي.
ڪچهريءَ واري ڪافي: هن ڪافيءَ بابت مشهور آهي ته قلندر لعل شهباز پنهنجن ساٿين، مريدن ۽ فقيرن سان گڏجي هن هنڌ تي ڪچهري ڪندو هو، انهيءَ نسبت سبب ان آستاني کي ’ڪچهريءَ واري ڪافي‘ چون ٿا. قلندر لعل شهباز جي رهائش به ان ڪافيءَ ۾ هوندي هئي. سندس 72 لنگ به ان ۾ دفن آهن. اها ڪافي قلندر لعل شهباز جي درگاهه جي اتر اولهه ۾ ڀرسان آهي. هن ڪافيءَ جون ٻه شاخون: (1) سخي پاڻ سلطان جي ڪافي ۽ دودو مرد حقانيءَ جي ڪافي.
سخي پاڻ سلطان جي ڪافي: هن ڪافيءَ ۾ سيد عبدالرزاق جيلاني مدفون آهي ۽ هن جا ٻه پٽ سيوهڻ ۾ مدفون آهن، جن کي ’پير پوٽا‘ چون ٿا.
دودو مرد حقانيءَ جي ڪافي: هيءَ ڪافي دادو روڊ لڳ آهي ۽ اها ڪچهري ڪافيءَ جي شاخ آهي.
ڀوري بادل شير جي ڪافي: هيءَ ڪافي سيد ڀوري بادل شير بخاريءَ جي آهي ۽ قلندر لعل شهباز جي درگاهه جي اوڀر ۾، شاهي قديم علم پاڪ وٽ آهي. سيد ڀورو بادل شير بخاري ڏاڏي ابراهيم جتي ستيءَ جو طالب هو. هن ڪافيءَ ۾ ڪنهن زماني ۾ شينهن موجود هوندا هئا.
سخي سرور/ پٺاڻ جي ڪافي: هيءَ ڪافي 1973ع ۾ وجود ۾ آئي، جڏهن هڪ فقير طبيعت نادر شاهه پٺاڻ 1973ع ڌاري گذاري ويو. سندس وفات کانپوءِ سندس ڀائٽيو سندس گادي نشين ٿيو. هو ديري غازي خان واري پاسي جو پٺاڻ هو. هتي ڪافي لنگر هلي ٿو. پٺاڻ جي ڪافي هاڻي سڄي پاڪستان جي پٺاڻن ۾ مشهور آهي. نادر شاهه پٺاڻ هڪ درويش صفت انسان هو ۽ هو قلندر جي درگاهه تي عقيدت وچان ٻهاري پيو ڏيندو هو. انهيءَ عقيدتمنديءَ سبب اڄ سندس نالي پٺيان هي ڪافي مشهور آهي، جتي سوين ماڻهو اچن ٿا.
(15) نهال شاهه نوري جي ڪافي، (16) امام علي شاهه جي ڪافي، (17) نور شاهه ڪربلائيءَ جي ڪافي، (18) شاهه جهانيان جي ڪافي،
(19) فقير لعل داس جي ڪافي.
ياد رکڻ گهرجي ته ٻه ڪافيون: ’سخي پاڻ سلطان شاهه ڪافي‘ ۽ ’شاهه نصير واري ڪافي‘، قلندري سلسلي سان منسلڪ ڪونه آهن. هنن ڪافين جا فقير نه تِلُ ڪن نه ڌمال، صرف مينديءَ جي رسم ۾ حصو وٺندا آهن.


لفظ سيوهڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو