ڇٽي

ڇٽي

ڇٽي

ڇٽي: ڇٽي، اس يا مينهن کان بچاءَ لاءِ تارن ۽ ڪپڙي جو ٺهيل هڪ ڍڪ آهي، جنهن کي وچ ۾ لڪڻ ٿيندو آهي. ڇٽي دنيا جي هر ملڪ ۾ ماڻهو اس ۽ مينهن کان بچاءِ لاءِ استعمال ڪندا آهن. هن ۾ استعمال ٿيندڙ تارون اهڙي ترتيب سان جڙيل هونديون آهن، جو بـٽـڻ دٻـائـڻ سـان ڇٽي ويڙهجي ويندي آهي. هن ڇٽيءَ جي طرز تي اڄڪلهه ’پيراشوٽ‘ تيار ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي هواباز ڪنهن به امڪاني حادثي وقت ۽ امدادي ڪمن لاءِ استعمال ڪندا آهن.
- مختلف بزرگن جي مزارن تي ڪاٺ يا سرن جا ڍَڪ ٺاهيا ويندا آهن، جن کي به ’ڇٽي‘ سڏيو ويندو آهي. ڇٽي چئن، ڇهن يا اَٺن ٿنڀن جي مٿان ڇتيل اَڏاوت کي چئبو آهي، جنهن جا سڀ پاسا کُليل هوندا آهن. اندر هڪ يا مٿي قبرون هونديون آهن. ڇٽي گهڻو ڪري پٿر جي بلاڪن يا پڪين سرن مان ٺهيل هوندي آهي. مڪليءَ تي ڪافي تعداد ۾ ڇٽيون ٺهيل آهن.


لفظ ڇٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو