درٻار

درٻار: اها جاءِ، جتي پراڻي زماني ۾ راجا يا بادشاهه پنهنجي وزيرن ڪبيرن سان گڏ ويهي ملڪ جو ڪاروبار هلائي، حڪم يا فرمان جاري ڪندا هئا. راجا/ بادشاهه جتي به ويهندو هو، منزل ڪندو هو، پوءِ اها جاءِ وقتي هجي يا مستقل، ان کي درٻار چيو ويندو هو. اڳتي هلي بزرگن جي ويهڻ، سبق ڏيڻ يا مريدن کي پنهنجي حلقي ۾ وٺڻ واري هنڌ کي به درٻار چيو ويو. هي اصطلاح خاص ڪري هندو بزرگن وٽ عام مروج آهي، جيئن درٻار صاحب، درٻار هالاڻي، درٻار شڌاڻي، درٻار آسودارام وغيره. ان کانسواءِ هي لفظ مسلمانن وٽ رائج آهي، جيئن ’داتا درٻار‘ وغيره.



لفظ درٻارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو