سام

سام: ’سام‘ سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آهي، پر ڪن ٻوليءَ جي ماهرن ’سام‘ لفظ سنسڪرت زبان جي ’شرام‘ مان نڪتل ڄاڻايو آهي، جنهن جي لغوي معنى آهي: ”اجھو، امان، پناهه، جھولي يا ذمو“. عام طرح اڙ، اوٽ، بچاءُ، پنارو، حفاظت، دامن، رکيا، سهارو، لڄ ۽ واهڙ به هن لفظ جي مفهوم ۾ شامل آهن. امان ۾ رکڻ، حفاظت ۾ ڏيڻ، سپرد ڪرڻ يا نگهبانيءَ ۾ ڏيڻ عام اصطلاح آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترا مشهور محاورا ’سام‘ لفظ سان لاڳاپيل آهن، جيئن ’سام پرتڻ‘ (ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻئي جي حفاظت ۾ ڏيڻ)، ’سام پوڻ‘، (ڪنهن جي اجھي هيٺ اچڻ)، ’سام جھلڻ‘، (ڪنهن کي پناهه ڏيڻ)، ’سام ڏيڻ‘، (ڪنهن کي پنهنجي پاڇي۾ رکڻ)، ’سام کڻڻ‘، (ڪنهن کي پناري جھلڻ يا پنهنجي ذمي امانت طور رکڻ).
مرد ۽ عورت هڪ ئي سماج جا ٻه فرد آهن ۽ سماج جو دارومدار ٻنهي تي محور جيان گردش ڪندي نظر اچي ٿو. مرد اسان جي سماج ۾ طاقتور رهيو آهي، سندس اورچائي، بهادري، ذميواري ۽ شجاعت هر دور ۾ مڃي وئي آهي، پر عورت کي ڪمزور سمجهيو ويو آهي، ان ڪري کيس تاريخ جي هر دور ۾ هيسايو ويو آهي. تاريخ جا ورق ورائبا ته هر دور ۾ عورت جي مختلف طريقن سان تذليل ڪئي وئي آهي. مختلف حوالن سان جنگين جهيڙن ۾ عورت جي عصمت ۽ عزت سان هر قوم ۾ کيڏيو ويو آهي. جنگين ۾ ڦٻايل مفتوح قومن جي عورتن کي ڪنيزون يا ٻانهيون بنائي بي عزت ڪيو ويندو هو يا انهن سان شاديون ڪيون وينديون هيون.
تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي. سنڌ ۾ به اهڙا واقعا رونما پئي ٿيا آهن، پر سنڌ ايامن کان آئي جي آڌرڀاءُ ڪرڻ، ستايل جي سار لهڻ ۽ مهمانوازيءَ جهڙين انمول خوبين سان سرشار رهي آهي. سنڌ ۾ سام جھليندڙ سخي سردارن جي کوٽ نه رهي آهي، در آئي کي دان ڏيڻ سنڌي سورمن جو وڙ رهيو آهي. دنيا جي ٻين تهذيبن ۾ ’سام جھلڻ‘، ’سام ڏيڻ‘، ’سام رکڻ‘ يا ’سام وٺڻ‘ جا گهٽ مثال ملن ٿا. سام، سنڌ ڌرتيءَ جو اخلاقي ۽ انساني قدر (Value) رهيو آهي. سام، سنڌ جو مثالي گڻ ۽ سنڌ جو ثقافتي ورثو رهي آهي.
سامون اهي جھليندا آهن، جيڪي با ڪردار ۽ عزتدار هوندا آهن ۽ ٻين جو احترام ڪرڻ ڄاڻيندا آهن.
سنڌ جي رزميه داستانن مان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن جوڌا جنگ ۾ شريڪ ٿين لاءِ ويندا هئا ته پنهنجون ونيون، ڪن عزت دار ۽ ناموس وارن شخصن وٽ ’سام‘ امانت طور ڇڏي ويندا هئا ۽ اُهي ننگن جي حفاظت ڪندي، ڪڏهن ڪڏهن سر به ڏئي ڇڏيندا هئا.
’اهي ڀي انسان، جي ننگن تان نثار ٿيا.‘ (سچل)
دودي چنيسر جو عوامي قصو سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. هي قصو سنڌ جي تهذيبي تشخص جي علامت آهي. روايت آهي ته علاوالدين خلجيءَ، سومرن حاڪمن جي گهرو اڻبڻت جو فائدو وٺي، دودي سومري سان جنگ جوٽي. جنگ دوران دودي پنهنجون سومريون عورتون درٻاري شاعر ۽ صلاحڪار ڀاڳوڀان هٿان سمي سردار ’ڄام ابڙي‘ ڏانهن سام ڪري موڪليون. هي واقعو 727هه/1329ع جو آهي. ڄام ابڙو ڪنهن وقت ۾ ڀونگر سومري جو پڳ مٽ يار هو، ان اخلاقي ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪيو.
علاؤالدين، دودي جي شهادت بعد ڄام ابڙي ڏانهن قاصد موڪلي، ٻاگهي سومري ۽ ٻين سومرين جي ٻانهن گهري، پر ڄام ابڙي جهڙو اعليٰ ظرف انسان علاوالدين جي ڪنهن به لالچ ۾ نه آيو، ۽ سامن ڏيڻ بدران ساڻس جنگ جوٽيائين ۽ سامن مٿان سر ڏئي ڇڏيائين.
شاهه عبدللطيف ڀٽائيءَ به هن تاريخي شخصيت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ امر بڻائي ڇڏيو آهي:
سَرڻين جي سک لئه، سام کنئين سردار،
جي آيون ابڙي آڌار، سي سُنگ نه ڏينديون سومريون.
ڄام ابڙي کانسواءِ هاسي سوڍي، ممٽ ابڙي، جاڙيجن سردارن ۽ ٻين ڪيترن سامن جي حفاظت ۾ پنهنجا سر قربان ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اڄ به سنڌ جا ماڻهو ’سام‘ کي پنهنجي لڄ ۽ ننگ جيان سمجهندا آهن.


لفظ سامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو