چنيسر

چنيسر: I620 هه 1223ع - 625هه 1228ع چنيسر نالي سومرو سردار ديبل جي تخت تي ويٺو. هي اُهو دور هو، جڏهن جلال الدين خوارزم شاهه، چنگيز خان کان شڪست کائي ننڍي کنڊ جو رخ ڪيو هو. خوارزم شاهه جڏهن لاهور پهتو ته التمش کيس پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس ملڪ ڇڏي وڃڻ لاءِ چيو، ڇو ته چنگيزي لشڪر سندس پيڇو ڪندو پئي آيو ۽ التمش خطرو محسوس ڪيو ته چنگيز خان لاهور مان دهليءَ ڏانهن نه رخ ڪري. ان ڪري جلال الدين خوارزم شاهه سنڌ ڏانهن رخ ڪيو. هن پهريائين ملتان ۽ اُچَ کي لٽيو ۽ ڦريو. ان کان پوءِ بکايل شينهن وانگر سڄيءَ سنڌ کي خون ۾ رنڱي ڇڏيائين. جڏهن هو ديبل پهتو ته چنيسر مقابلي جي سگھه نه سمجھي، اهل و عيال ۽ خزانو کڻي ٻيڙيءَ تي سوار ٿي ڪنهن ڏورانهين سامونڊي ٻيٽ ڏانهن هليو ويو. جلال الدين خوارزم شاهه ديبل کي اچي لُٽيو. هن ديبل ۽ دمريلا جا خوبصورت شهر ۽ آسپاس جا ڳوٺ ۽ بستيون لُٽي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيون. هو ڪافي وقت لاءِ ديبل ۾ رهيو. ان دوران هن سنڌ جي پاڙيسري ۽ مددگار رياست گجرات تي به لشڪر ڪشي ڪئي، ڇاڪاڻ ته کيس شڪ هو ته سومري حاڪم چنيسر گجرات ۾ پناهه ورتي آهي. ديبل ۾ رهائش وقت هن هڪ ديول کي ڊهرائي هڪ مسجد تعمير ڪرائي. جڏهن سندس فوج گجرات کي ڦري لٽي واپس ديبل پهتي ته کيس اطلاع پهتو ته چنگيزي فوج سندس ڳولا ۾ ويجھو اچي پهتي آهي. ان ڪري جلال الدين خوارزم شاهه مڪران جي رستي ڪرمان روانو ٿي ويو. سندس واپسيءَ کانپوءِ چنيسر واپس ديبل موٽي آيو. جلد ئي التمش جي سپهه سالار نظام الملڪ جنيدي ديبل تي حملو ڪيو. چنيسر ملڪ کي وڌيڪ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ جنيديءَ سپهه سالار آڏو پيش پيو ۽ التمش جي درٻاري اميرن جي صف ۾ شامل ٿي ويو. مولانا ابوالظفر ندويءَ جي راءِ آهي ته چنيسر يا ته خانه جنگيءَ ۾ مري ويو يا وري ان ٻيٽ تي (جتي هو جلال الدين خوارزم کان ڀڄي وڃي رهيو هو). ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ مري ويو هوندو. بهرحال چنيسر 625هه/ 1288ع تائين ملڪ سلطان الدين چنيسر جي لقب سان حڪومت ڪئي. ايم. ايڇ. پنهور پنهنجي ڪتاب ’سومرا ڪنگڊم آف سنڌ‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”چنيسر-I، 620 هه/ 1223ع کان 625 هه/ 1228ع تائين حڪومت ڪئي. جنهن کانپوءِ کينئڙي سومري جو دؤر آيو، پر کينئڙي کانپوءِ وري چنيسر اول، 634هه/37-1236ع تائين ڪجهه سالن لاءِ حڪومت ڪئي.“ ان مان ثابت ٿئي ٿو ته چنيسر نالي ٽن حڪمرانن نه، بلڪه ٻن حڪمرانن حڪومت ڪئي.


لفظ چنيسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو