ساموئي

ساموئي (قديم ماڳ): سومرن جي صاحبيءَ دوران ڪجهه وقت سندن گاديءَ جو هنڌ ’وڳهه ڪوٽ‘ ۽ ڪجهه وقت ’محمد طُور‘ شهر رهيو. دودي ۽ چنيسر جي گهرو ويڙهه سبب هي شهر ختم ٿي ويا. سومرن کانپوءِ سمن جي صاحبيءَ ۾ هنن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ’ساموئي‘ بنايو، جيڪو اڄ ننڍڙي ڳوٺ جي صورت ۾ ٺٽي کان ڏيڍ ڪوهه (ٽن ميلن) جي پنڌ تي مڪلي ٽڪريءَ جي اُتر طرف موجود آهي. ڪنهن زماني ۾ درياهه به اتان وهندو هو. پاڻيءَ جي سهنج ۽ سهولت ڪري هن کي تختگاهه بنايو ويو، جن ’ماموئي‘ فقيرن جو اڳڪٿيون مشهور آهن، سي به هتان جا چيا وڃن ٿا.
تحفة الڪرام‘ ۾ روايت آهي ته ڄام بابيني اھو شھر آباد ڪيو هو. ڪن جو چوڻ آھي ته هي شهر ڀانڀنيه (ڀنڀي) بن انڙ جو ٻڌايل آھي، جيڪو فيروز تغلق جي دور (91-790 ھجريءَ) ۾ آباد ٿيو هو. جڏھن سمن سنڌ تي قبضو ڪيو، ان وقت مڪلي تي قلعو ۽ شھر آباد ڪري ان تي ’ساموئي‘ نالو رکيو ويو. هيءَ سرزمين ھن وقت ويران پئي آھي. شيخ جھنڊي پاتڻيءَ جي مزار انھيءَ ايراضيءَ ۾ آھي. ستن ستين ڀينرن جي زيارتگاھه به هتي آھي. ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي (1508-1461) پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ ڦيرائي ٺٽو ڪيو ته ساموئيءَ جي اھميت گھٽجي وئي ۽ اڳتي هلي هي شهر ويران ٿي ويو.


لفظ ساموئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو