چوڻ

چوڻ: جهنگ ۾ جتي تترن يا ٻين پکين جي جُوءِ هوندي آهي، اتي پکين جا شڪاري اَن هاري ڇڏيندا آهن. ڪجهه ڏينهن اهو اَن کائي پکي هري ويندا آهن، پوءِ شڪاري هڪ ڏينهن بندوق کڻي اچي شڪار ڪندو آهي. اهڙي اَن کي ’چوڻ‘ چوندا آهن.
- چوڻ شڪار جو به هڪ اصطلاح آهي. هن شڪار ۾ صرف سوئر مرندا آهن، هن شڪار ڪرڻ مهل جهنگ ۾ کڏڻن جي ڀرسان ڪافي اَن هاري ڇڏبو آهي، جيڪو سوئر اچي کائيندا آهن ۽ ڪافي ڏينهن اهو ان هارڻ سان سوئر اهو کائي مري ويندا آهن ۽ هڪ کڏڻي ۾ ويهي سوئرن جو شڪار ڪندا آهن، انهيءَ هاريل ان کي به ’چوڻ‘ چوندا آهن.


لفظ چوڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو