ڌوٻي

ڌوٻي

ڌوٻي

ڌوٻي (Washer Man): عام طور ڪپڙن ڌوئڻ واري کي ڌوٻي يا کٽي چئجي ٿو، ڌوٻيءَ جي لغوي معنيٰ آهي ڪپڙا ڌوئيندڙ، کٽي وغيره. هي ڪپڙا ڌوئي، استري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندا آهن. ٻئي طرف گجرات ۽ آسپاس جي رياستن ۾ وڏي تعداد ۾ ڌوٻي آباد آهن، جيڪي راجپوت سڏائين ٿا، جن مان اڪثريت هندو آهن ۽ انهن مان ڪي مسلمان به ٿيا آهن. ڌوٻي ذات وارن مان گھڻا چوهاڻ آهن. هندستان جي هن ڌوٻي گھراڻي ۾ سؤٽ ماسات سان شادي نه ڪئي ويندي آهي. مرد پنهنجي زال جي ڀيڻ سان پنهنجي زال گذارڻ کان پوءِ شادي ڪري سگھي ٿو. ڌوٻي گھراڻي ۾ بيوهه جي ٻيهر شادي جي اجازت آهي. بيوه پنهنجي مري ويل مڙس جي ننڍي ڀاءُ سان شادي ڪري سگھي ٿي. ڌوٻي هندو قانون ورهاست کي مڃيندا آهن. ڌوٻين ۾ ڪبير پنٿي، رامنجا ۽ ولڀچاري نکون آهن. جيتوڻيڪ هو هندن جي خدائن جي عزت ڪندا آهن، پر مندرن ۾ نه ويندا آهن. هو هندن جي مشهور زيارت وارن هنڌن تي به ويندا آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڌوٻين جي حوالي سان هڪ پهاڪو ’ڌوٻيءَ جو ڪتو، نه گھر جو نه گھاٽ جو‘ مشهور آهي. سنڌ ۾ عام طور ڌوٻي يا کٽي ڪپڙا ڌوئڻ وارن کي چوندا آهن. اهي مسلمان توڙي هندو ٿين ۽ ڌنڌي جي نسبت سان سندن ذات سڃاتي ويندي آهي.


لفظ ڌوٻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو