اسپينل

اسپينل

اسپينل

اسپينل (Spinel): هڪ پٿر جو قسم، جيڪو ڪيميائي ماهيت جي لحاظ کان ميگنيشم ۽ المونيم جو آڪسائيڊ آهي. هيءُ تمام خوبصورت جواهرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هيءُ پٿر اڪثر غير شفاف حالت ۾ ملي ٿو. هن جي جواهر (پٿر) جي سختيءَ جو درجو 840 آهي. اسپينل ڪيترن ئي رنگن جو يعني ڳاڙهو، نيرو، گلابي، سائو، ڀورو ۽ گهَرو نيرو ٿئي ٿو، پر گهڻي ڀاڱي سائي ۽ سفيد رنگ ۾ ٿيندو آهي. ڳاڙهو رنگ يا سفيد اسپينل لعل روماني (Ruby Spinel) سڏيو وڃي ٿو. گلابي رنگ جا اسپينل عام هوندا آهن، جن کي بلاس روبي
(Balas Ruby) سڏيو وڃي ٿو. اسپينل کي روبي سيل (Ruby Cell)، پيلي يا نارنگي ۽ نيري رنگ واري کي سفائرين (Saphirine) ۽ سائي رنگ واري کي ڪلورو اسپينل (Chloro Spinel) چيو وڃي ٿو. سٺي قسم جا اسپينل سريلنڪا، برما، سيام ۽ افغانستان ۾ ملن ٿا، ان کان سواءِ مڊ گاسڪر، آسٽريليا ۽ برازيل جي ڪجهه علائقن ۾ به ملن ٿا.


لفظ اسپينلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو