ترت

ترت (تال ):ڳائڻ وڄائڻ جي آخري ۽ تيز لئي کي ’ترت‘ چوندا آهن. ترت جي رفتار انودرت کان ٻيڻي ٿئي ٿي. ماترا جو عرصو سيڪنڊ جو اٺون حصو ٿئي ٿو. هن لئي ۾ وڄائڻ توڙي ڳائڻ وڏي ڪمال جي نشاني سمجهي ويندي آهي. گت يا تراني وڄائڻ ۾ هيءَ آخري صورت هوندي آهي .


لفظ ترتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو