پُکراج

پُکراج

پکراج

پُکراج: پکراج پٿر جو قسم آهي. هن پٿر کي انگريزيءَ ۾ Topaz، لاطينيءَ ۾ Topazio، عربيءَ ۾ ياقوت ابيض، فارسيءَ ۾ ياقوت سفيد، سنسڪرت ۾ منجوشي، هنديءَ ۾ پوشپ راگ ۽ پنجابيءَ ۾ پوکراج سڏبو آهي. پکراج کي انگريزيءَ ۾ ٽوپاز چوندا آهن، ڇو ته بحيره قلزم جي ٽوپاز ٻيٽ جي ڪري هن تي ٽوپاز نالو پيو، جتان هي پٿر ڪثرت سان نڪرندو آهي. پکراج جو ذاتي رنگ هيڊو هوندو آهي. جڏهن ته هن جا ٻيا به ڪافي رنگ آهن. نارنگي، هلڪو نيرو، گلابي، پيازي ۽ سفيد شفاف. هن کي هيري وانگر گھڙيو وڃي ته وڌيڪ چمڪ ڏيندو. هن وقت گلابي پکراج ناياب آهي. هن جي سختي Mohs Scale 8 کان 9 هوندي آهي. انهيءَ ڪري هي بلور کي ڪٽي سگھي ٿو. پکراج شروع ۾ مصر مان ڪڍيو ويندو هو. پر هاڻي هن جي دريافت دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ ٿي چڪي آهي. پکراج اسپين، چين، آسٽريليا، نائيجيريا، آمريڪا، ايران، ڏکڻ آفريڪا، جپان، سائيبيريا، پيرو، پاڪستان سميت برصغير مان به جام نڪري ٿو، حڪيمن موجب طبي لحاظ کان پکراج دل ۽ دماغ کي فرحت ڏئي ٿو، ان کانسواءِ ماليخوليا، چريائي، دل هول، ڦڦڙن مان رت جي اچڻ، پيشاب جي ساڙي، پرميل، پٿري، جذام۽ مرگهيءَ، اکين جي ڌنڌ ۽ ڦلي وغيره جي لاءِ دوائن ٺاهڻ ۾ ڪم آڻيندا آهن.


لفظ پکراجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو