جهيرڻو

جهيرڻو

جهيرڻو

جهيرڻو: جهيرڻو ڏُڌ ولوڙڻ جي ڪم ايندو آهي. مالوند ماڻهو ٽن کان چئن فوٽن جي ٻائوري، ڪِرڙ يا اَڪ جي سڌي ڪاٺي آڻي، ان کي باهه تي سيڪي، ان جا ڇوڏا لاهي، چاڪوءَ يا ڪنهن ٻئي تيز ڌار واري اوزار سان هڪ ڇيڙي کي چيري پنج کان ڏهه ڦَنگون ٺاهيندا آهن. ڪاٺيءَ جي سنهي ڇيت ڪڍي ڦنگن جي وچ ۾ گولائيءَ سان ڇلي وانگر ٻڌي، ڦنگن کي هڪ ٻئي کان ٻه ٻه انچ پري بيهاريندا آهن. ان کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اس ۾ رکي ڇڏيندا آهن ته جيئن ڪاٺيءَ مان پنهنجي اصل خوشبوءَ ختم ٿي وڃي. ان نموني جهيرڻو تيار ٿي ويندو آهي. هيءُ عام مانڌاڻيءَ کان ننڍو ٿيندو آهي، جڏهن ته موجوده وقت ۾ پلاسٽڪ جا جهيرڻا به استعمال ٿين ٿا. ٻهراڙين ۾ مالوند ماڻهو سٺا ٺاهيل جهيرڻا هڪ ٻئي کي تحفي طور به ڏيندا آهن.


لفظ جهيرڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو