پينسل

پينسل

پينسل

پينسل: ڪاٺيءَ جو قلم، جنهن ۾ گريفائيٽ جو گورو پيل هوندو آهي، رورل پين، 1795ع ۾ پائوڊر ٿيل گريفائيٽ کي مٽيءَ ۾ ملائي، ڳوهي پٽيون ٺاهيون ويون ۽ پوءِ ان کي پچايو ويو. پينسل جي سخت ۽ اکرن جي ڪاراڻ جو مدار استعمال ڪيل گريفائيٽ جي تناسب تي هوندو آهي. 1812ع ۾ هڪ آمريڪي شخص ’وليم منرو‘ پينسل ٺاهڻ جو طريقو متعارف ڪرايو، جيڪو اڃا تائين رائج آهي. هن گريفائيٽ پائوڊر ۽ مٽيءَ جي ملاوت کي صنوبر جي ڪاٺيءَ اندر بند ڪيو. 1877ع ۾ مڪينيڪل پينسل ايجاد ڪئي وئي. جنهن ۾ گورو پلاسٽڪ يا ڌاتوءَ جي خول ۾ رکي، ان کي هڪ متحرڪ راڊ سان گڏ ملائي رکيو ويندو آهي ۽ پيچ جي چر پر سان ”گوري“۾ رکي ٻاهر آڻبو آهي. هاڻي ته انتهائي باريڪ گوري واريون پينسلون ايجاد ٿي ويون آهن، جيڪي، انجنيئر، آرٽسٽ ۽ ڊرافٽر استعمال ڪندا آهن.


لفظ پينسلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو