شفاعت

شفاعت: لفظ شفاعت دعا، سفارش، واسطو ۽ پيغام پهچائڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. هي اصطلاح دنيا ۽ آخرت ٻنهي جي ڪمن ۾ ڪم اچي ٿو. عدالت ۽ فيصلي جي سلسلي ۾ سفارش بابت تمام گھٽ ذڪر آهي. خاص طور تي هي اصطلاح ديني مفهوم ۽ قيامت بابت استعمال ۾ ايندو آهي. اسلام ۾ شفاعت جي امڪان کي مڪمل طرح خارج نه ڪيو ويو آهي. حديث شريف ۾ حساب واري ڏينهن شفاعت جو ذڪر موجود آهي. جنهن مان اها ڳالهه ثابت آهي ته قيامت جي ڏينهن پاڻ ڪريم صه جن کي پنهنجي گنهگار امت جي شفاعت جا اختيار ملندا.


لفظ شفاعتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو