جهال

جهال: پاڻي هارڻ لاءِ کوهه وٽ ٺهيل دِڪيءَ کي جهال چئبو آهي. ٻُوڪي ذريعي پاڻي جهال ۾ وجهبو آهي. جيڪو لاهيءَ ۾ ٺهيل پڪي حوض يا کڏ ۾ پوندو ۽ مال پيئندو آهي. جهال کوهن کانسواءِ تلائن ۽ برسات جي پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ ٺاهيل ٽانڪين تي به ٺهيل هوندا آهن ته جيئن کوهه، ٽانڪي يا تلاءَ مان ڪڍيل پاڻي هٿ، منهن يا ڪپڙن ڌوئڻ کان پوءِ ضايع نه ٿئي پر مال جي پيئڻ لاءِ ڪم اچي سگهي.


لفظ جهالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو