خول

خول

خول

خول: هيءُ ٺڪر مان ٺهيل هڪ قسم جو ديسي ساز آهي. ٺڪر مان ٺهيل سازن جو تعداد تمام گهٽ آهي. سنڌ ۾ اهڙا صرف ٻه ساز (1) ’بوڙيندو‘ ۽(2) ’گهاگهر‘ آهن. خول به اهڙن سازن مان هڪ آهي. هي ضرب ساز جو آهي، جيڪو اتر-اوڀر هندستان ۾ گهڻو مقبول آهي. هن ٻن پاسن واري ڊرم (Drum) جو ساڄو پاسو سوڙهو ٿيندو آهي. ان پاسي جي پڙي اٽڪل چار انچ قطر جي ٿيندي ۽ ان جو کاٻي پاسي وارو منڍو 10 انچ قطر سان هوندو آهي. ٻنهي پڙن تي چمڙو مڙهيل هوندو آهي ۽ ٻنهي پاسن جون ڪناريون مضبوط ڪشن يا ڏورين سان مڙهيل ۽ ملايل هونديون آهن. هن ساز جو وچ يا ڍڍ وارو حصو ڪافي ويڪرو هوندو آهي، جنهن جو قطر 20 انچن تائين به ٿيندو آهي. هن جو ساز استعمال بنگال ۾ عام آهي. مغربي دنيا ۾ هن وقت Fibre Glass جو خول استعمال ڪيو وڃي ٿو. هي به ڍولڪ، دهل وغيره جي خاندان جو ساز آهي.


لفظ خولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو