چاکِڙي

چاکِڙي: هيءَ هڪ قسم جي جُتي آهي، جيڪا آڳاٽي زماني ۾ پائي ويندي هئي. هيءَ جُتي ڪاٺيءَ جي تختي مان ٺهندي آهي. چاکڙي عام طرح گھر ۾ پائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي. قديم زماني ۾ پيرن جي بچاءَ لاءِ سنڌ ۽ هند ۾ فقط چاکڙيون پاتيون وينديون هيون. موجوده وقت ۾ به هماليائي علائقن ۾ چاکڙي پائڻ جو رواج آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو