بشپ برڪلي

بشپ برڪلي

برڪلي

برڪلي: بشپ برڪلي آئرلئنڊ جو رهاڪو هو. 12 مارچ 1685ع تي آئرلئنڊ ۾ ڪلڪيني (Kilkenny) لڳ هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. هن پنهنجي فلسفي جو آغاز لاڪ جي نظرين تي تنقيد سان ڪيو. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن تجربو اسان جي علم جو بنياد آهي، ته پوءِ ان جو مطلب ٿيندو “To be is to be perceived” يعني ”ڪنهن شيءِ جي وجود جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته اسان کي ان جو ادراڪ ٿي رهيو آهي يا نه“. ٻين لفظن ۾ هن اهو چوڻ ٿي چاهيو ته مادي جو جدا ڪو وجود ڪونهي ۽ مادو اسان جي شعور يا ذهن جو مرهون منت آهي. جڏهن ته برڪلي شين جي الڳ وجود جو انڪار ڪونه ڪيو آهي، هڪ لحاظ کان هو شين جي وجود جو قائل آهي، پر انهن جي مادي وجود کي نٿو مڃي. هو صاف صاف چوي ٿو ته انهن جي وجود جو دارومدار اسان جي ذهن يا شعور تي آهي؛ يعني جيستائين ڪو ذهن شيءِ جو ادراڪ ڪري رهيو آهي، تيستائين اهي شيون موجود آهن. ليڪن پوءِ سوال پيدا ٿو ٿئي ته جيڪڏهن ڪنهن ڪمري ۾ ماڻهو موجود نه آهي ته ڇا ان ڪمري ۾ رکيل سڀ شيون غائب ٿي وينديون. ان جي جواب ۾ برڪلي جو چوڻ آهي ته خدا جي ذهن ۾ مادي جو وجود قائم رهي ٿو، تنهنڪري اهي مادي شيون اتي موجود آهن. اهڙيءَ طرح برڪلي ماديت جي پنهنجي ليکي وجود واري تصور کي رد ڪري، موضوعي تصوريت يا داخلي آدرشيت (Subjective idealism) جو بنياد رکي ٿو. هن 14 جنوري 1753ع تي آڪسفورڊ، انگلنڊ ۾ وفات ڪئي .


لفظ برڪليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1685.03.12  عيسوي

برڪلي، 12 مارچ 1685ع تي آئرلئنڊ ۾ ڄائو.


1753.01.14  عيسوي

برڪلي، 14 جنوري 1753ع تي آڪسفورڊ، انگلنڊ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه محمود قريشي
ڀاڳت فقير
دادا گرداس واڌواڻي
ڄام ڪارائڙو
جارج برنارڊشا
ڀائي لعل محمد استاد
حضور بخش گوپانگ
ايشور آنچل
بنده بيراگي
عباسي ايس ايم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون