تغلق

تغلق: تغلق هڪ خاندان جو نالو آهي، جنهن دهليءَ تي حڪومت ڪئي. هن خاندان جو باني غياث الدين تغلق هو، جيڪو ترڪن جي قبيلي مان هو. سندس پيءُ ترڪ ۽ ماءُ هندستاني نسل مان هئا. 1325ع ۾ بنگال جي مهم تان واپس ايندي، سندس پٽ محمد تغلق رهائش لاءِ هڪ عارضي جاءِ ٺهرائي، جنهن جي ڇت اوچتو ڪري پئي، جنهن ۾ بادشاهه دٻجي مري ويو. ان کان پوءِ محمد تغلق بادشاهه بڻيو. ابتدائي ڏهن سالن جي حڪمرانيءَ کان پوءِ، 1335ع ۾ سنڌ جي بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪاهي آيو هو، پر سنڌين جي حڪمت عمليءَ تحت هو اجل جو شڪار ٿي ويو. ان بعد سندس سئوٽ فيروز شاهه ولد رجب تغلق بادشاهه ٿيو. فيروز شاهه به سنڌ تي حملي آور ٿيو ۽ شڪست کائي ڀڳو. 1388ع ۾ فيروزشاهه کي هڪڙي سنڌي سونهين (Guide) لشڪر سوڌو ڪونجي رڻ ۾ ڀلائي وڃي ڪڍيو ۽ هن به ڪونجي رڻ ۾ رُلي وڃي وفات ڪئي، اُن کان پوءِ غياث الدين ثاني حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. سندس وفات کان پوءِ آهستي آهستي سنڌ ۾ تغلق حڪمرانن جو زور گهٽجي ويو. اُن زماني ۾ سنڌي سومرا حڪمران هئا. (وڌيڪ ڏسو: سومرا دؤر) سومرن جي دؤر کان پوءِ سمن جي دؤر (وڌيڪ ڏسو: سما دور) شروع ٿيڻ سان تغلق حڪمرانن جا سنڌ مان پير نڪرڻ لڳا. جڏهن 762هه/ 1360ع ۾ فيروزشاهه تغلق سنڌ ۾ آيو هو، تڏهن ڄام خيرالدين چاليهه هزار فوج سان ساڻس مقابلو ڪيو هو، جنهن ۾ فيروزشاهه شڪست کاڌي هئي ۽ سنڌ ملڪ مڪمل طور آزاد ٿي ويو هو. ٻنهي تغلق حڪمرانن جي شڪست تي سنڌين عام نعرو هنيو هو:
”ببرڪت پير پٺو، هڪ مئو، ٻيو ٽٺو“
فيروز شاهه کان پوءِ ٻين تغلق حڪمرانن هندستان تي حاڪميت ڪئي. سندن حڪومت جو خاتمو 802هه/ 1399ع ۾ آيو .


لفظ تغلقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو