رياست

رياست (State): رياست هڪ انساني ادارو آهي، جيڪو ڪنهن خاص معاهدي هيٺ وجود ۾ آيو هجي. ماضي بعيد ۾ آزاد، ڇڙوڇڙ ۽ غير منظم عوام پنهنجي ڇڙواڳ ۽ خانه بدوش زندگيءَ مان بيزاريءَ جي اظهار ڪندي، پر امن زندگي گذارڻ ۽ منظم زندگيءَ جي ضرورتن کي پنهنجي لاءِ اهم ڄاتو. انهن ڇڙواڳ ۽ غير منظم ماڻهن کي ڪنهن ضابطي ۽ پابنديءَ هيٺ رکڻ لاءِ ڪجهه اصول ۽ ضابطا جوڙيا ويا، جن جي پابندي هر ماڻهوءَ لاءِ لازمي قرار ڏني وئي. اهڙيءَ طرح رياستن جو وجود عمل ۾ آيو.
رياست معاشري جي هڪ اهڙي سنگت يا سٿ جو نالو آهي، جنهن کي ڪن خاص مقصدن هيٺ جوڙيو ويو هجي. رياست، علائقي، حڪومت ۽ عوام تي مبني هوندي آهي. حڪومت رياست جي مقصدن ۽ عوامي ڀلائيءَ جي ڪمن کي مڪمل ڪندي آهي.
رياست هڪ طاقتور معاشرتي تنظيم جو نالو آهي، جيڪا ڇڙوڇڙ ۽ منتشر معاشري کي ضابطي هيٺ رکندي آهي. رياست پنهنجي حڪومت ۽ انتظامي ادارن ذريعي، سماج ۾ شامل سڀني شعبن کي سهيڙي، انهن جي حقن جو تعين ڪري، سماج ۾ شامل سمورن ماڻهن توڙي گروهن کي سواءِ ڪنهن فرق جي هڪ نظر سان ڏسي ۽ انهن لاءِ گڏيل مساواتي نظام جوڙي ٿي. رياست هڪ عوامي وحدت ۽ مرڪزيت جو نالو آهي، جنهن جا عوامي ڀلائيءَ هيٺ ڪي خاص مقرر ٿيل انتظام ۽ قانون ٿين ٿا، جن جو پورائو رياست ۾ شامل سمورن ماڻهن جي فرضن ۾ شامل هوندو آهي. جيئن ته رياست انساني مجموعي جو نالو آهي، جنهن جو تخليق ڪندڙ به انسان پاڻ ئي آهي. ان ڪري رياست جو اهو فرض آهي ته اها عوامي مفادن جو تحفظ ڪري، نه رڳو تحفظ ڪري، پر حالتن جي تقاضا مطابق عوامي مفادن کي فروغ ڏيڻ لاءِ به ڪي جوڳا اپاءَ وٺي. ڪنهن به مذهب، عقيدي، عدالت ۽ اختيارين جي نالي ۾ هر فرد کي پنهنجي آزادانه سوچ جو حق ڏئي عقيدي جي مڃتا ۾ نه رنڊڪ وجھي ۽ نه ئي ان کي روڪي. مطلب ته ماڻهن جي ذاتي عقيدن سان رياست ۽ ان جي قانونن جو ڪو به تعلق يا عمل دخل نه هئڻ گھرجي.
جان اسٽوئرٽ مل چيو آهي ته: ”حڪومت کي ڪنهن به گناهه جي سزا ڏيڻ جو ڪو به حق نه آهي، حڪومت رڳو سماجي ڏوهه جي سزا ڏئي سگھي ٿي. رياست اندر اهو مذهب يا عقيدو، جيڪو معاشري لاءِ نقصان جو سبب نه ٿو بڻجي، برداشت جوڳو آهي، پر اهي غير اخلاقي اصول، جيڪي سماج لاءِ نقصانڪار هجن، انهن کي روڪي سگھجي ٿو.“
رياست جي جوڙجڪ جا چار عنصر ٻڌايا وڃن ٿا:
(1) آبادي، (2) علائقو، (3) حڪومت، (4) اقتدار.
(1) آبادي: رياست، انساني تنظيم جو نالو آهي، ان ڪري ماڻهن کانسواءِ رياست جو وجود ۾ اچڻ جو سوال ئي نه ٿو پيدا ٿي سگھي، پر هڪ رياست جي اندر آباديءَ جو انگ ڪيترو هجي، ان بابت ابتدائي طور هڪ آباديءَ جو مقرر انگ نظر اچي ٿو. دنيا جون ابتدائي ۽ بهترين رياستون اٿينس ۽ اسپارٽا، جيڪي يونان جون ماڊل شهري رياستون هيون، آباديءَ جي لحاظ کان ننڍيون هيون، ان ڪري ئي انهن کي بهتر رياستون ڪوٺيو ويو. افلاطون ۽ ارسطو انهن رياستن جي آباديءَ جو انگ هزارن ۾ ٻڌايو آهي. هنن دليل ڏنو آهي ته ننڍي آباديءَ وارين رياستن جي انتظام کي بهتر نموني هلائي سگھجي ٿو، پر موجوده جديد دنيا ۾ گھٽ آباديءَ وارو تصور ختم ٿي ويو آهي، پر دنيا ۾ ننڍي آباديءَ واريون رياستون به ملن ٿيون، جن جي آبادي هزارن ۽ لکن کان مٿي ڪانهي. انهن ۾ ڪجهه عرب رياستون به اچي وڃن ٿيون، آباديءَ جو دارومدار علائقي، ملڪ ۽ قوم تي مدار رکي ٿو.
(2) علائقو: هر رياست لاءِ علائقي، وطن ۽ جاگرافيائي حدن جو هجڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ رياست، علاقائي تنظيم هوندي آهي. جيستائين عوام ڪن خاص تاريخي حالتن هيٺ ڪنهن خاص علائقي ۾ رهائش اختيار نه ڪندو، تيستائين هڪ رياست جوڙي نه سگھندو. ان ڪري هڪ آزاد رياست ۽ زندگيءَ لاءِ علائقي ۽ ملڪ جو هئڻ تمام ضروري آهي. هڪ علائقي ۾ رهڻ ڪري ماڻهن جا گڏيل جذبا ۽ گڏيل مفاد ٿين ٿا، جيڪي علائقائي ۽ ملڪي وابستگيءَ کانسواءِ مڪمل نه ٿا ٿي سگهن.
جيڪو ماڻهو پيدائشي طور جنهن ملڪ جو هوندو ۽ جتي پليو هوندو ته منجهس ان ملڪ سان محبت ۽ وفاداريءَ جو جذبو پيدا ٿيندو، ڇو ته سندس گذران جا ذريعا به اتي موجود هوندا آهن.
(3) حڪومت: حڪومت مان مراد رياست جو سياسي انتظام آهي، جيڪو حڪومت ئي هلائيندي آهي. سياسي انتظام کانسواءِ ڪنهن به رياست جو تصور ناممڪن آهي، ڇو ته سياسي انتظام کان سواءِ عوام بدنظميءَ جو شڪار ٿي ويندو. حڪومت ذريعي ئي عوام جي اجتماعي مفادن جو تحفظ ٿي سگھي ٿو. حڪومت ۾ سياسي انتظام جا ادارا، قانون ساز ۽ عدليه جا ادارا شامل هوندا آهن. حڪومت ختم ٿيندي ۽ مٽبي رهندي آهي، پر حڪومت جي تبديليءَ يا خاتمي سان رياست تي ڪو به فرق نه پوندو آهي.
(4) اقتدار: اقتدار، رياست جو اهم عنصر آهي، اقتدار ٻن قسمن جو ٿيندو آهي. هڪ اندريون اقتدار، ٻيو ٻاهريون اقتدار. اندريون اقتدار هڪ ماڻهو يا جماعت وٽ هوندو آهي، جنهن جي ذريعي قانون سازي ڪئي ويندي آهي ۽ ٻاهريون عنصر ٻاهرين مداخلت کي روڪيندو آهي، جيڪو حصو ته رياست جو هجي، پر رياست جي سرحدن تي رهي، رياست جي حفاظت ڪري، جنهن کي عام لفظن ۾ ’فوج‘ چئي سگھجي ٿو.
رياستن جا قسم: عام طور رياستن جا اٺ قسم آهن:
(1) قبائلي رياست، (2) بادشاهي رياست، (3) يوناني شهري رياست، (4) روم جي عالمگير رياست، (5) جاگيردار رياست، (6) سرمائيدار رياست، (7) سوشلسٽ رياست ۽ (8) فلاحي رياست.
(1) قبائلي رياست: قبيلائي رياست قبيلائي شڪل ۾ موجود هئي، جيڪا تعداد ۾ ننڍي هئي. قبيلائي رياستن جا حڪمران، قبيلن جا سردار هوندا هئا. ڪيترين قبيلائي رياستن ۾ پنچائتي نظام به لاڳو هو، جيڪو گڏيل صلاح سان هلايو ويندو هو. هن قسم جي رياست جي نموني ۾ هـڪ نـسـل، هـڪ مـذهـب ۽ گـڏيل عـلائـقـائي معاشي مفاد هئا.
(2) بادشاهي رياست: هيءُ رياست جو بادشاهي تصور آهي، جنهن ۾ هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو ۽ ٻيو عوام ان جي رعيت هوندو هو. هن ۾ حڪمران جو تصور روايتي ۽ خانداني هوندو هو، جنهن ۾ هڪ بادشاهه جي وفات کانپوءِ ان بادشاهه جو پٽ يا ڀاءُ بادشاهه ٿيندو هو، جنهن وٽ رياست جا سڀ اختيار هوندا هئا، جيڪي هو طاقت ۽ ڏنڊي جي زور تي حاصل ڪندو هو. هي رياستون اڪثر انتشار جو شڪار ٿي وينديون هيون ۽ هڪ بادشاهه جي مرڻ کانپوءِ جيڪڏهن حڪومت ڪمزور ٿي ويندي هئي ته ٻيو بادشاهه بغاوت ڪري اقتدار تي قبضو ڪري وٺندو هو. اهڙي رياست جيئن ته هڪ جائيداد جي حيثيت ۾ هڪ ماڻهو جي هٿ هيٺ هوندي هئي، ان ڪري ان جا ڪي به ادارا نه هوندا هئا.
(3) يوناني شهري رياستون: هي ننڍڙيون شهري جي صورت ۾ رياستون هيون، جيڪي يونان ۾ اٿينس (Athens) ۽ اسپارٽا (Sparta) هيون، جن جو رياستي انتظام مڪمل جمهوري هو. هر ڪنهن رياست جا شهري قانون پنهنجا پنهنجا هئا، اتان جي رهاڪن ۾ سياسي ۽ شهري شعور موجود هو ۽ هو پنهنجن حقن کان واقف هئا، پر هنن ٻنهي شهري رياستن جي پاڻ ۾ رابطي واري حيثيت ڪمزور ٿي وئي، ان ڪري اڳتي هلي انهن کي روم ملڪ آسانيءَ سان فتح ڪري ورتو.
(4) روم جي عالمگير رياست: روم جي رياست هڪ منظم ۽ عالمگير رياست هئي، جنهن يونان ۽ ٻين ڀرپاسي جي ملڪن کي فتح ڪري پنهنجي مرڪزيت هيٺ آندو ۽ خود يونان جي طرز تي ٺهيل پنهنجي شهري رياستن کي هڪ مضبوط مرڪز هيٺ آڻي وڏي سلطنت قائم ڪئي، جيڪا رومي سلطنت جي نالي سان سڏجڻ لڳي، پر هن سلطنت جي حڪمرانن آمريت ۽ تشدد جي بنياد تي عوام جا انساني، جمهوري ۽ شهري حق ختم ڪري ڇڏيا. توڙي جو هن رياست جي آئين ۾ ضابطا به ڏنا ويا هئا، پر هيءَ رياست بغاوتن جو شڪار ٿي ختم ٿي وئي.
(5) جاگيردار رياست: رومي سلطنت (جنهن اٽڪل سڄي يورپ کي پنهنجي اثر هيٺ رکيو هو) جي خاتمي کانپوءِ يورپ ۾ انتشار پکڙجي ويو. الڳ الڳ علائقن ۾ جاگيردار طبقو اقتدار ۽ اثر حاصل ڪري ويو. ان ڪري جاگيردار رياستن جي شروعات ٿي. اتان جي جاگيردارن علائقا ورهائي کنيا. جاگيردار رياست جا اختيار ڪنهن هڪ جاگيردار وٽ ڪونه هوندا هئا، پر هڪ رياست اندر ڪيترن ئي جاگيردارن وٽ اختيار ۽ زمينون هونديون هيون، جنهن ڪري هڪ رياست اندر ڪيترائي انتظام هلندا هئا ۽ عوام انهن جي ماتحت هو. جاگيردار رياست حقيقت ۾ ڪا رياست ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته ان جي ڪا سياسي حيثيت نه هئي، ان ڪري رياستي انتظام غير منظم ۽ منتشر هو، جنهن جو فائدو مذهبي ڌرين ورتو. نتيجي ۾ چرچ يا ڪليسا حڪمرانيءَ جو مرڪز بڻجي ويا ۽ پادري حڪومتي نظام هلائڻ لڳا.
(6) سرمائيدار رياست: پندرهين صديءَ ۾ جاگيرداري نظام جي ڇڙواڳين، بدانتظامين ۽ ڪليسا جي ظلمن جي ڪري جاگيردار رياستون پنهنجو اثر ختم ڪرڻ لڳيون. جاگيردارن خلاف واپارين ۽ هنرمندن جي بغاوتن ۽ ڪليسا خلاف مذهبي اصلاح جي تحريڪن جاگيردار رياست ۽ ڪليسا جي اثر کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ سرمائيدار دؤر جي شروعات ٿي، جن ٻولي ۽ علائقائي اصولن هيٺ قومي رياستن جا بنياد وڌا. اهڙيءَ طرح انگلنڊ، فرانس، جرمني، اٽلي ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ ’قومي رياستون‘ وجود ۾ آيون، جن صنعتي نظام جي ماحول، واپار ۽ مشيني ايجادن جي ڪري هڪ شهري سماج جوڙيو، جنهن کانپوءِ سياسي ۽ جمهوري حقن جي بنياد تي هڪ مضبوط قومي رياست جو بنياد پيو.
(7) سوشلسٽ رياست: رياست اندر سرمائيداري نظام صنعتن جي ترقيءَ تي مشروط رهي ٿو. ان ڪري يورپ ۾ سرمائيدارن کي قومي رياستن جي جڙڻ کانپوءِ پنهنجي صنعتن کي هلائڻ لاءِ ڪچي مال جي ضرورت پئي، جنهنڪري منجهن مقابلي ۽ ترقيءَ جو رجحان وڌيو، پوءِ انهن قبضي ۽ والار جي بنياد تي دنيا جي ٻين ملڪن ۽ قومن تي حملا ڪري کين پنهنجيءَ غلاميءَ هيٺ آندو ۽ اهڙي طرح بيٺڪي ۽ نوآبادياتي نظام جي ابتدا ٿي ۽ ارڙهين صديءَ جي شروعات ئي هن نظام سان ٿي. سرمائيدار رياستن جي هن ڊوڙ ۽ قبضي گيريءَ جي رجحان پهرين ۽ ٻي عالمي جنگين کي جنم ڏنو، جنهنڪري گهڻو ڪري سڄي دنيا جنگ جي ور چڙهي وئي، ان ڪري سموريءَ دنيا هن تباهيءَ جو ذميوار سرمائيدار نظام کي قرار ڏنو ۽ پوري دنيا ان جي خاتمي ۽ ڪنهن نئين رياستي فلسفي تي سوچڻ شروع ڪيو. ان ڏس ۾ ڪارل مارڪس ۽ اينگلس سرمائيدار رياست جي جاءِ تي سوشلسٽ رياست يا سوشلسٽ نظام جو تصور ڏنو، جيڪو سرمائيدار نظام جي خاتمي ۽ پورهيت راڄ جي فلسفي تي مشتمل هو، جنهن ۾ ذاتي ملڪيت جو خاتمو، اقتدار تي مزدورن جو قبضو ۽ ملڪي وسيلن جي اجتماعي ورڇ جو نظام شامل هو، جنهن تحت روس ۾ لينن جي اڳواڻيءَ ۾ 1917ع ۾ جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ بادشاهن جو تختو اونڌو ڪري سوشلسٽ انقلاب آندو ويو. ان جي پيروي ڪندي چين، ڪوريا، رومانيا، يوگوسلاويا ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ سرمائيداري کي ختم ڪري پورهيت راڄ قائم ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح سرمائيدار ۽ جاگيردار رياستن جي جاءِ تي ’سوشلسٽ رياستون‘ قائم ٿيون. بدانتظامي، غير جمهوري لاڙن ۽ منڊيءَ جي فرسوده نظام ۽ پولٽ بيورو جي ڪامورڪي ڄمت جي ڪري، 1990ع ڌاري سوشلسٽ رياستون به ختم ٿي ويون.
(8) فلاحي رياست: هي حڪومت جو هڪ اهڙو تصور آهي، جنهن ۾ رياست، شهرين جي تحفظ، ترقيءَ، معيشت ۽ سماجي بهتريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. وسيلن ۽ ذريعن جي برابري ۽ ان جو عوام تي خرچ ڪنهن به فلاحي رياست جو بنيادي اصول هوندو آهي. جيئن ته رياست جا وسيلا رياست جي ماتحت هوندا آهن، پر انهن وسيلن مان گھڻي کان گھڻو فائدو عوام کي ڏنو ويندو آهي. فلاحي رياست جو اصطلاح سڀ کان پهريان ’وليم ٽِمپل‘ ٻي عالمي جنگ دوران برطانيه ۽ جرمنيءَ جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي ڪيو هو، جنهن ۾ هن جرمنيءَ کي جنگي رياست ۽ برطانيه کي ’فلاحي رياست‘ سڏيو هو. ٻئي طرف وري يورپ ۾ لڳندڙ جنگين ۾ جرمني سڀ کان گھڻي متاثر ٿي هئي. ان ڪري فلاحي رياست جو نظام سڀ کان اول جرمنيءَ ۾ متعارف ڪرايو ويو.
جديد دور ۾ رياست جو تصور ڪجهه تبديل ٿيل آهي. ڪن ملڪن ۾ مختلف رياستون گڏجي فيڊريشن ٺاهين ٿيون، جيئن آمريڪا ۾ آهي، جيڪو گهڻين رياستن جو ٺهيل آهي. ان ڪري ان جو نالو گڏيل رياستون United States of America (USA) آهي. هندستان ۾ به فيڊريشن جوڙيندڙ ايڪا صوبا نه پر رياستون سڏبا آهن. پاڪستان جي 1940ع واري ٺهراءَ ۾ شامل ٿيندڙ سنڌ، بنگال، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد جي صوبن کي رياستن جي حيثيت ڏيڻ جي ڳالهه ڪيل هئي، جنهن کي 1943ع واري ٺهراءُ ۾ بدلائي هڪ رياست ڪيو ويو.


لفظ رياستھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو