تڙڪول

تڙڪولَ: ٿر ۾ اڪثر ڀٽون اُتر اوڀر کان ڏکڻ اولهه طرف آهن، تنهنڪري سج اُڀرڻ سان ڀِٽَ جي جنهن حصي تي اُس يعني تڙڪو پوندو آهي، اُن ڀاڱي کي ”تِڙڪولَ“ چوندا آهن. سياري جي رُت ۾ تڙڪول تي ٿر ۾ سيءُ گهٽ ٿيندو آهي، ڇو جو اُتر جي پاسي کان ايندڙ هوا، ڀِٽَ جي اوَٽ سبب ٿڌي محسوس نه ٿيندي آهي ۽ سج اُڀرڻ سان تڙڪول تي اُس به ايندي آهي، تنهنڪري ٿري ماڻهو اڪثر پنهنجا ڳوٺ اڪثر ڀِٽَ جي تِڙڪول واري حصي ۾ ٻڌندا آهن، ۽ مال جا وٿاڻ ۽ ٻڪرين جا واڙا به اُن پاسي ٺاهيندا آهن .


لفظ تڙڪولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو