سعي

سعي: سعي جي لغوي معنى تيز هلڻ آهي. ان باري ۾ هڪ حديث شريف ۾ آهي ته: ”جڏهن نماز لاءِ اچو ته ڊوڙندا بيچيني ۽ اضطراب سان گڏ نه اچو، بلڪه وقار ۽ اطمينان سان اچو.“ الزجاج چوي ٿو ته هر ڪم ۾ ذوق، شوق، ڪوشش، عمل ۽ ڦڙتي ڏيکارڻ ’سعي‘ آهي. قرآن شريف ۾ به ’سعي‘ جو ذڪر آيو آهي. ”ان جو عمل رائگان نه ويندو.“ (الانبياء: 94). ”انسان کي اهو ئي ڪجهه ملندو آهي، جيڪو اهو عمل ڪندو آهي ۽ ان جو عمل کيس ضرور ڏيکاريو ويندو.“ (انجم: 39-40) ”جڏهن اهو ڪم ڪار ۾ پنهنجي پيءُ جو هٿ ونڊائڻ (يا سرگرم عمل هجڻ) جي لائق ٿيو.“ (الصافات: 102). ’سعي‘ جو لفظ عام طور تي ڪنهن ڪم لاءِ سرگرم ٿيڻ يا ڪوشش ڪرڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو، پر اصطلاحي معنيٰ عمري ۽ حج جا مناسڪ ادا ڪرڻ دوران صفا ۽ مروه جي وچان تکي تکي هلڻ لاءِ مخصوص آهي.


لفظ سعيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو