ڇاڳُر

ڇاڳُر: ڇاڳر ٻڪريءَ جي کل مان ٺهيل سانداري هوندي آهي، جيڪا سفر ۾ پاڻي کڻڻ يا درياهه ۾ ترڻ لاءِ سيڻاهه طور ڪم آندي وڃي ٿي. ڇاڳر نهايت ئي نرم ٿيندي آهي. ڇاڳر ذريعي عام طور رستن ۽ روڊن تي پاڻيءَ جي ڇٽڪار به ڪئي ويندي آهي. ڇاڳري ننڍي پخال وانگر هوندي آهي، جنهن کي ڪلهي ۾ کڻي هلبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو