برينڇ

برينڇ: برينڇ، گاهه جو هڪ قسم آهي، جيڪو سنڌ اندر عام ملي ٿو. هيءُ ڀٽن جي لاهين ۽ دڙن جي ڪپن تي ٿيندو آهي. پاڙَ کان ڪيتريون ئي تيليون ٿي جهڳٽي وانگر بيهندو آهي. ڪچڙو ۽ سائو هوندو آهي ته ٻڪريون ۽ ڍڳيون وڏي چاهه سان کائينديون آهن. هن ٻوٽي جي تيلين مان ٻهارا به ٺاهيندا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو